Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 32:18 - Sindhi Bible

18 ۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هائو، تڏهن اسان جي قوم ڳڻتين کان آزاد ٿي ويندي، ۽ پنهنجي گھرن ۾ امن وَ سلامتيءَ ۽ آرام وَ آسائش جي زندگي گذاريندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 32:18
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن کي سنئين واٽ ۾ هلايو، تہ اهي رهڻ لاءِ ڪنهن شهر ۾ وڃن.


رڳو جشن جي زمين ۾، جتي بني اسرائيل هئا، اتي ڳڙو ڪونہ پيو.


اي شرير شخص، سچي جي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ ڇپ هڻي لڪي نہ ويهہ؛ هن جي آرام جي جاءِ خراب نہ ڪر:


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو،


۽ اهو قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ گهڻن ماڻهن کي ڇينڀيندو: ۽ اهي پنهنجون تراريون ڀڃي انهن مان هر ڦار ڪندا، ۽ پنهنجي نيزن مان انگڙا جوڙيندا: هڪڙي قوم ٻي قوم تي نہ ترار کڻندي، ۽ نہ اهي وري اڳتي جنگ سکندا.


اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.


جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.


جنهن کي هن چيو تہ هيءَ آرام جي جاءِ آهي، جيڪي ٿڪل آهن، تن کي اوهين آرام ڏيو؛ هيءَ فرحت جي جاءِ آهي: تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو.


ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.


تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.


۽ اهي گهر اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ اهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا، ۽ انهن جو ميوو کائيندا،


۽ آءٌ يعقوب مان هڪڙو نسل پيدا ڪندس، ۽ يهوداہ مان پنهنجن جبلن جو هڪڙو وارث: ۽ منهنجا چونڊيل انهي جا وارث ٿيندا، ۽ منهنجا بندا اتي رهندا.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي.


۽ هو اڳتي وري غير قومن جو شڪار نہ ٿيندا، ۽ نہ زمين جا جانور انهن کي ڳهي ويندا؛ پر هو سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ خود انهي لاءِ چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس، ۽ آءٌ انهي جي وچ ۾ جلالي ٿيندس.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.


تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي.


۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ