Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 32:13 - Sindhi Bible

13 منهنجيءَ اُمت جي زمين تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا؛ هائو، خوش وقت شهر جي سڀني خوشيءَ سان ڀريل گهرن ۾ بہ اهي نڪرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هائو، اوهين پنهنجي خوشحال شهر جي سڀني گھرن لاءِ روئو رڙو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم جي سرزمين ۾، رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 32:13
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ماڻهن جي بڇڙائيءَ ڪري، آباد زمين کي ڪلر بنايو ڇڏي.


اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن.


اوهان جو خوشيءَ ڀريو شهر اهو آهي ڇا، جو قديم زماني کان قائم آهي، جنهن جا پير کيس پرديس ۾ رهڻ لاءِ پري پري وٺي ويا؟


لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري.


شراب جي ڪري گهٽين ۾ رڙ مچي وئي آهي؛ سڀ خوشي اوندهہ ٿي وئي آهي، زمين جي سرهائي گم ٿي وئي آهي.


ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.


انهيءَ جي محلاتن ۾ ڪنڊا، ۽ انهيءَ جي قلعن ۾ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا: ۽ اُها گدڙن جي رهڻ جي جاءِ، ۽ اُٺ پکين جو اڱڻ ٿيندي.


ڇالاءِ جو ڊاک جي منهہ جي ڏهن ايڪڙن مان هڪڙو بٿ پيدا ٿيندو ۽ ٻج جو هڪ هومر هڪڙو ايفہ مس پيدا ڪندو.


۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.


ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جتي جتي هڪ هزار ڊاک جا وڻ هوندا هئا، جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هوندي هئي، اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا.


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ


۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.


۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ انهن کي مارائي ڇڏيو. انهي طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي زمين مان نڪري ويو.


آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.


متان آءٌ هن کي اُگهاڙو ڪريان، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيانس جهڙي ڄمڻ واري ڏينهن هئي، ۽ بيابان جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ خشڪ زمين جهڙو بنائي ڇڏيانس، ۽ اُڃ سان ماريانس.


ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ