12 هو دلپسند ٻنين، ۽ ڦلدار ڊاک لاءِ پنهنجي ڇاتي ڪُٽينديون.
12 اوهين پنهنجي زرخيز ٻنين، ۽ انگورن جي باغن جي برباديءَ تي ڏک وچان پنهنجيون ڇاتيون پٽيو.
ڏسو، خداوند زمين خالي ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ويران ٿو ڪري، ۽ اُٿلائي اونڌو ٿو ڪريس، ۽ ان جي رهاڪن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي ٿو.
نئون شراب غمگين آهي، ڊاک جو منهہ ملول آهي، سڀ خوشدل ماڻهو ٿڌا ساهہ کڻن ٿا.
منهنجيءَ اُمت جي زمين تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا؛ هائو، خوش وقت شهر جي سڀني خوشيءَ سان ڀريل گهرن ۾ بہ اهي نڪرندا.
منهنجون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ضعيف ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين، منهنجو جگر منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري زمين تي هارجي پيو آهي؛ ڇالاءِ جو ننڍا ٻار ۽ کير پياڪ ٻار شهرن جي گهٽين ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿا.
۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان:
تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.
هن منهنجو انگورستان ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انجير جي وڻ جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا اٿس: هن انهي کي بلڪل اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو اٿس؛ انهيءَ جون ٽاريون اڇيون ٿي ويون آهن.
۽ حصب اُگهاڙي ڪري قيد ٿي ويئي آهي، ۽ انهي جون ٻانهيون ڪبوترن جي آواز سان ٿيون اوسارين ۽ ڇاتيون ٿيون ڪُٽين.