Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 32:10 - Sindhi Bible

10 اي بي پرواهہ زالون، سال کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ اوهان کي تڪليف رسندي: ڇالاءِ جو ڊاک جو فصل چٽ ٿي ويندو، ۽ ميوي گڏ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ياد رکو، جيتوڻيڪ هينئر اوهين مطمئن آهيو، تہ بہ هڪ سال جي اندر اندر اوهان کي ڏڪڻي وٺي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو انگورن جو فصل چٽ ٿي ويندو، بلڪ اوهان کي ڪوبہ فصل حاصل ٿي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 32:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڦر ڪندڙ ٻنيءَ مان خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ ڊاک جي منهہ ۾ نڪو راڳ ڳائبو، نڪو خوشيءَ جو آواز ٿيندو: ۽ ڪو چيچڙن مان لتاڙڻ سان شراب نہ ڪڍندو؛ مون ڊاک جي فصل جي خوشي بند ڪرائي ڇڏي آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جتي جتي هڪ هزار ڊاک جا وڻ هوندا هئا، جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هوندي هئي، اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون.


۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.


ڊاک ڪومائجي ويئي آهي، ۽ انجير جو وڻ سُڪي رهيو آهي؛ ڏاڙهونءَ جو وڻ، ۽ کجيءَ جو وڻ، ۽ صوف جو وڻ، بلڪ ميدان جا سڀ وڻ ڪومائجي ويا آهن: ۽ بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.


اي نشئي جاڳو، ۽ ماتم ڪريو. اي نشي باز، اوهين سڀ مٺي شراب جي ڪري روئو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي وات کان کسيو ويو آهي.


هن منهنجو انگورستان ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انجير جي وڻ جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا اٿس: هن انهي کي بلڪل اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو اٿس؛ انهيءَ جون ٽاريون اڇيون ٿي ويون آهن.


ڇو جو جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي ڊاکن ۾ ڦر ٿيندو؛ ۽ زيتون جو پورهيو بي ڦل ٿيندو، ۽ ٻنيون اَن پيدا نہ ڪنديون؛ ڌڻ واڙي کان وڍيو ويندو، ۽ ڍور وٿاڻ ۾ نہ هوندا:


انهن جي دولت لٽ جو مال ٿيندي، ۽ انهن جا گهر ويران ٿيندا: هائو، هو اڏيندا پر وسائيندا ڪين؛ ۽ هو انگورستان لڳائيندا، پر انهن جو شراب نہ پيئندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ