Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 31:5 - Sindhi Bible

5 اُڏامندڙ پکين وانگي، لشڪرن جو خداوند يروشلم کي بچائيندو؛ هو انهي کي بچائيندو ۽ ڇڏائيندو، ۽ اُنهي تي چشم پوشي ڪندو ۽ کيس قائم رکندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هائو، جيئن پکي پنهنجي آکيري مٿان ٻچن جي حفاظت لاءِ لامارا ڏيندو رهندو آهي، تيئن ئي آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي حفاظت ڪندس ۽ انهيءَ کي بچائيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 31:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ زمين بي ترتيب ۽ ويران هئي؛ ۽ اونهائيءَ جي مٿان اوندهہ هئي: ۽ خدا جي روح پاڻيءَ جي مٿان آرو ڪيو.


ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هي شهر پناهہ ڏيئي بچائيندس.


انهيءَ طرح خداوند حزقياہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي اسور جي بادشاهہ سنحيرب، ۽ ٻين سڀني جي هٿن مان بچايو ۽ هر طرح هنن جي هدايت ڪيائين.


خداوند انهن جي مدد ٿو ڪري، ۽ کين بچائي ٿو: هو کين بڇڙن کان بچائي ڇوٽڪارو ٿو ڏئين، ڇالاءِ جو انهن منجهس پناهہ ورتي آهي.


خدا انهي جي وچ ۾ آهي؛ ان کي لوڏو ئي ڪين ايندو؛ صبح جو سوير خدا انهي جي مدد ڪندو.


قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.


هو توکي پنهنجن کنڀن سان ڍڪيندو، ۽ سندس پرن هيٺ توکي پناهہ ملندي: هن جي سچائي ڍال ۽ سپر آهي.


تڏهن اوهين چئجو تہ هيءَ انهيءَ خداوند جي لاءِ فسح جي قرباني آهي، جو مصر ۾ بني اسرائيل جي گهرن وٽان لنگهي ويو، جنهن وقت هن مصرين کي ماريو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين. تڏهن ماڻهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيو.


تہ اوهان ڏٺو آهي تہ مون مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڄڻ تہ اوهان کي عقاب جي کنڀن تي کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.


۽ منهنجي هٿ قومن جي دولت کي آکيري وانگي لڌو آهي؛ ۽ جيئن ڪو ڇڏي ڏنل آنا گڏ ڪري، تيئن مون ساري زمين گڏ ڪئي آهي: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو کنڀ چوري، يا وات پٽي، يا چون بہ ڪري.


اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو.


آءٌ خداوند انهي جي سنڀال ڪريان ٿو، آءٌ هردم انهي کي پاڻي ڏيندس، آءٌ رات ڏينهن انهي جي سنڀال ڪندس، متان ڪو انهي کي نقصان پهچائي.


جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


۽ آءٌ توکي، ۽ هن شهر کي، اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏائيندس: ۽ هن شهر کي بچائيندس.


۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.


۽ آءٌ پنهنجي گهراڻي جي چوڌاري لشڪر وانگي گهيرو ڪندس، جيئن ڪو اچي وڃي نہ سگهي، ۽ نہ ڪو ظالم اُتان وري گذري: ڇالاءِ جو هاڻي مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي.


جيئن عقاب پنهنجي آکيري کي چوري پوري، پنهنجن ٻچن جي مٿان پر پکيڙيندو آهي، تيئن هن پنهنجا پر پکيڙي انهن کي پنهنجن ٻانهن تي کنيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ