Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 31:3 - Sindhi Bible

3 مصري انسان آهن، ۽ خدا نہ آهن؛ انهن جا گهوڙا گوشت آهن ۽ روح نہ آهن: جڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيريندو، تڏهن جيڪو مدد ٿو ڪري سو ٿاٻڙندو، ۽ جنهن کي مدد ٿي ملي سو ڪِرندو، ۽ اهي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 مصري تہ رڳو فاني انسان آهن، اهي خدا جيان غير فاني نہ آهن. انهن جا گھوڙا بہ رڳو هڏ ماس جا ٺهيل آهن، اهي روح جيان لازوال نہ آهن. جڏهن خداوند سزا لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندو، تڏهن مدد گھرڻ وارن سان گڏ سندن مدد ڪرڻ وارا بہ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي سڀ جو سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 31:3
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سان هڪڙي گوشت جي ٻانهن آهي؛ پر اسان سان اسان کي مدد ڏيڻ لاءِ، ۽ اسانجين جنگين ڪرڻ لاءِ، خداوند اسان جو خدا آهي. تڏهن ماڻهن کي يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڳالهين ڪري آرام آيو.


خداوند تي ڀروسو رکڻ انسان تي آس رکڻ کان چڱو آهي.


گهوڙو بچاءُ جي لاءِ اجائي شيءِ آهي: هو پنهنجي گهڻي زور جي ڪري ڪنهن کي ڪونہ بچائيندو.


اي خداوند، انهن کي ڊپ ۾ وجهہ: تہ قومون پاڻ کي انسان سمجهن.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.


۽ انهيءَ ڪناري واري زمين جو رهاڪو چوندو تہ ڏسو جنهن زمين کي اسين اميد گاهہ سمجهي مدد لاءِ ان ڏي ڀڳاسين، تہ اسان کي اسور جي بادشاهہ کان ڇڏائي. تنهنجو هي حال آهي: پوءِ اسين ڪيئن ڀڄي ڇُٽنداسين؟


اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا.


اهي سڀيئي انهي قوم کان شرمندا ٿيندا، جا انهن کي ڪوبہ فائدو نٿي پهچائي، جنهن ۾ ڪابہ مدد ۽ قاعدو ڪونهي؛ پر فقط شرمندگي ۽ خواري آهي.


ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.


ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


تڏهن ڪهڙيءَ طرح تون گاڏين ۽ گهوڙيسوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکي منهنجي مالڪ جي معمولي نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائي سگهندين.


تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


پوءِ بہ تون پنهنجي قتل ڪرڻ واري جي اڳيان چوندين ڇا تہ آءٌ خدا آهيان؟ پر تون انسان آهين، نہ خدا؛ ۽ اُنهي جي هٿ ۾ آهين جو توکي زخمي ڪري ٿو.


نڪي اُهو بيهندو جو ڪمان ٿو ڪم آڻي، ۽ جيڪو پيرن جو تکو آهي سو پاڻ کي بچائي نہ سگهندو، نڪي گهوڙي سوار پاڻ کي بچائي سگهندو.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ