Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 31:1 - Sindhi Bible

1 انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 31:1
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ وٺي آيا، ۽ يوسف انهن کي سندن گهوڙن، گڏهن، ڍورن ۽ ڌڻن جي عيوض کاڌو ڏنو: ۽ هن کين اهو سال سندن چوپائي مال جي عيوض ماني کارائي.


۽ انهيءَ وقت حناني غيب دان يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ آيو، ۽ انهي کي چيائين تہ تو ارام جي بادشاهہ تي ڀروسو رکيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو نہ رکيو آهي، تنهنڪري ارام جي بادشاهہ جو لشڪر تنهنجي هٿن مان بچي نڪري ويو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


هن جي گهڻي زور جي ڪري تون هن تي ڀروسو رکندين ڇا؟ يا تون پنهنجو ڪم هن تي ڇڏي ڏيندين ڇا؟


ڪي جنگي گاڏين تي ڪي گهوڙن تي ڀروسو ٿا رکن: پر اسين خداوند پنهنجي خدا جو نالو ياد ڪنداسين.


۽ اسرائيل جي روشنائي باهہ ٿيندي، ۽ ان جو پاڪ وجود هڪڙو شعلو ٿيندو: ۽ اهو هڪڙي ڏينهن ۾ ان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.


هنن جو ملڪ چاندي، ۽ سون سان ڀرپور آهي، ۽ سندن خزانن جي پڄاڻي ڪانہ آهي؛ انهن جو ملڪ گهوڙن سان ڀريل آهي ۽ سندن گاڏين جي پڄاڻي ڪانهي.


۽ هو ڊڄي ويندا، ۽ شرمندا ٿيندا، ڇالاءِ جو ڪوش کي پنهنجي اُميد جي جاءِ، ۽ مصر کي پنهنجو فخر ٿي سمجهيائون.


۽ پراڻي ڍنڍ جي پاڻيءَ لاءِ اوهان ٻن ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو حوض بہ بنايو: پر جنهن اهو حڪم ڪيو تنهن ڏي اوهان نہ نهاريو، نڪي جنهن گهڻا ڏينهن اڳي انهيءَ کي رٿيو هو تنهن ڏانهن اوهين ڦريا.


اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا.


ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


تڏهن ڪهڙيءَ طرح تون گاڏين ۽ گهوڙيسوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکي منهنجي مالڪ جي معمولي نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائي سگهندين.


آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ خدا، اسرائيل جو خالق ۽ اوهان جو بادشاهہ آهيان.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


تون تيل مکي بادشاهہ وٽ وئينءَ، ۽ تو وڌيڪ سرهاڻيون مکي پنهنجي ايلچي پري پري موڪليا، ۽ پاڻ کي بي عزت ڪري پاتال تائين پهچايئي.


ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.


ارامي اڳيان ۽ فلستي پٺيان؛ ۽ اهي وات پٽي اسرائيل کي ڳهي ويندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو.


۽ چوندا تہ نہ: اسين مصر جي ملڪ ۾ وينداسين، جتي اسين ڪابہ جنگ ڪانہ ڏسنداسين، ۽ نہ قرناءِ جو آواز ٻڌنداسين، ۽ نہ مانيءَ جي بک ڪڍنداسين؛ اُتي اسين رهنداسين:


پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟


۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


هو موٽي مصر جي ملڪ ۾ نہ ويندو؛ پر اسوري هن جو بادشاهہ ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن موٽڻ کان انڪار ڪيو.


آءٌ پنهنجي سخت ڪاوڙ عمل ۾ نہ آڻيندس، آءٌ افرائيم کي ناس ڪرڻ لاءِ نہ موٽندس: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، نہ انسان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قدوس خدا آهيان: آءٌ ڪاوڙ ۾ شهر ۾ نہ گهڙندس.


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


هو سڀ تنور وانگر گرم آهن، ۽ پنهنجن قاضين کي ڳهي ٿا وڃن؛ هنن جا سڀ بادشاهہ ڪِريا پيا آهن: هنن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو مون کي سڏي.


اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.


خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.


۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.


۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ