Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:8 - Sindhi Bible

8 هاڻي وڃي اهو هن جي اڳيان هڪڙيءَ تختيءَ تي لک، ۽ هڪڙي ڪتاب ۾ داخل ڪر، تہ هو ايندڙ وقت لاءِ، ۽ هميشہ جي واسطي قائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يسعياہ! هاڻي تون منهنجو اهو پيغام منهنجي قوم آڏو هڪڙي دستاويز ۾ لکي ڇڏ، تان‌تہ اهو هنن لاءِ هميشہ جي شاهدي رهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


اوهين خداوند جي ڪتاب مان ڳولي ڪڍو ۽ پڙهو: هنن ڳالهين مان هڪڙي بہ گهٽ ڪانہ ٿيندي، ۽ ڪا جوڙي کانسواءِ نہ هوندي: ڇالاءِ جو منهنجي وات اهو حڪم ڪيو آهي، ۽ هن جي روح انهن کي گڏ ڪيو آهي.


۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهي تي صاف اکرن ۾ لک تہ مهير شالال حاش باز لاءِ:


خداوند جي ڪاوڙ تيسين نہ موٽندي جيسين انهي جي پورائي نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جو ارادو پورو نہ ڪندو: پوئين ڏينهن ۾ اوهين اُهو پوريءَ طرح سمجهندا.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي هڪڙي ڪتاب ۾ لک،


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.


۽ يرمياہ هڪڙي ڪتاب ۾ اُهي سڀ خرابيون لکي ڇڏيون جي بابل تي اچڻيون هيون، يعني اُهي سڀ ڳالهيون جي بابل جي نسبت ۾ لکجن ٿيون.


۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


۽ خداوند مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هي رويا لک، بلڪ تختين تي صاف لک، تہ جيڪو ڊوڙي ٿو سو بہ پڙهي سگهي.


هاڻي ڏس، آءٌ پنهنجيءَ قوم ڏانهن وڃان ٿو: تون اچ تہ تو کي اطلاع ڏيان تہ هيءَ قوم تنهنجيءَ قوم سان پوين ڏينهن ۾ ڇا ڪندي.


تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجي لاءِ هي گيت لکو، ۽ اهو تون بني اسرائيل کي سيکار: ۽ کين ياد ڪراءِ تہ ڀلي اهو گيت بني اسرائيل تي منهنجي پاران شاهد هجي.


سو موسيٰ اهو گيت انهي ساڳي ڏينهن لکيو، ۽ بني اسرائيل کي سيکاريائين.


ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اوهين پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا، ۽ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن کان ڦري ويندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ اوهان تي ڏک ايندا؛ ڇالاءِ جو اوهين اهي ڪم ڪندا جي خداوند جي نظر ۾ خراب آهن، ۽ اوهين پنهنجن هٿن جي ڪمن سان هن کي غصو ڏياريندا.


جڏهن تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين، ۽ هي سڀ حادثا تو تي اچي پوندا، تڏهن تون پوين ڏينهن ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ هن جو چوڻ مڃيندين.


پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا،


۽ پهرين اها ڳالهہ ڄاڻو تہ آخرين زماني ۾ کل ٺٺولي ڪندڙ ايندا، ۽ پنهنجين نفساني خواهشن تي هلندا،


جو اهي اوهان کي چوندا هئا تہ آخر زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪرڻ وارا ايندا، جي پنهنجين برين خواهشن تي هلندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ