Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:31 - Sindhi Bible

31 ڇالاءِ جو خداوند جي آواز جي ڪري اسور ڀڄي پرزا پرزا ٿيندو، هو انهي کي لٺ سان ماريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 خداوند جي آواز ٻڌڻ سان ۽ سندس لٺ جي ڊپ کان اشورين کي دهشت وٺي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:31
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي پنهنجي ڏنگيءَ واٽ ڏانهن ٿا ڦرن، تن کي خداوند خطاڪارن سان گڏ وٺي ويندو. شل اسرائيل تي سلامتي هجي.


تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو.


۽ لشڪرن جو خدا انهيءَ تي هڪڙو چهبڪ کڻندو، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي ڪوس وقت کنيو هئائين: ۽ هن جي لٺ سمنڊ جي مٿان هوندي، ۽ هو اها ائين کڻندو جيئن مصر ۾ کنئي هئائين.


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


آءٌ پنهنجي ملڪ ۾ اسورين کي شڪست ڏيندس، ۽ پنهنجن جبلن تي انهيءَ کي پيرن هيٺ لتاڙيندس: تڏهن انهيءَ جي پاڃاري هنن تان لهندي، ۽ هن جو بار هنن جي ڪنڌ تان لهندو.


جيئن هن پنهنجي ماريندڙن کي ماريو هو تيئن انهي کين ماريو آهي ڇا؟ يا جيئن هن قتل ڪيو هو تيئن هو قتل ٿيو آهي ڇا؟


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


تڏهن اسوري انهيءَ ترار سان ڪِرندا جا انسان جي نہ آهي؛ ۽ اُها ترار جا انسان جي نہ آهي سا هن کي کائي ويندي؛ هو ترار کان ڀڄندو، ۽ هن جا ماڻهو ڍل ڀرو ٿيندا.


ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ