Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:3 - Sindhi Bible

3 تنهن ڪري مصر جو زور اوهان جي لاءِ شرم ٿيندو، ۽ مصر جي پاڇي جو ڀروسو اوهان لاءِ مونجهارو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 مگر فرعون جي طاقت کان کين مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھہ بہ هڙ حاصل نہ ٿيندو. هائو، مصر جي پاڇي ۾ پناهہ وٺڻ سندن لاءِ ذلت جو باعث بڻبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڏس، تنهنجو ڀروسو اهڙيءَ لٺ تي آهي جهڙو ڦٿل ڪانو، يعني مصر تي آهي، جنهن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏيندو تہ اُهو سندس هٿ ۾ چُڀي ويندو: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن، تن جي لاءِ اهڙو ئي آهي.


دشمن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر: ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي.


تڪليف جي وقت بي ايمان ماڻهوءَ ۾ ويساهہ رکڻ، اهڙو آهي جهڙو ڀڳل ڏند، ۽ سنڌ کان نڪتل پير.


۽ هو ڊڄي ويندا، ۽ شرمندا ٿيندا، ڇالاءِ جو ڪوش کي پنهنجي اُميد جي جاءِ، ۽ مصر کي پنهنجو فخر ٿي سمجهيائون.


۽ انهيءَ ڪناري واري زمين جو رهاڪو چوندو تہ ڏسو جنهن زمين کي اسين اميد گاهہ سمجهي مدد لاءِ ان ڏي ڀڳاسين، تہ اسان کي اسور جي بادشاهہ کان ڇڏائي. تنهنجو هي حال آهي: پوءِ اسين ڪيئن ڀڄي ڇُٽنداسين؟


ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.


تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


جڏهن هنن توکي هٿ کان وٺي جهليو، تڏهن تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جا ڪلها ئي ڦاڙي ڇڏيا، ۽ جڏهن هنن توتي ٽيڪ ڏني، تڏهن بہ تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جون چيلهيون بيهاري ڇڏيون.


هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو.


پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ