Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:29 - Sindhi Bible

29 جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن، تيئن اوهين گيت ڳائيندا؛ ۽ جيئن ڪو ماڻهو بانسري وڄائيندي خداوند جي جبل تي، يعني اسرائيل جي ٽڪر تي ويندو آهي تيئن اوهين دل ۾ خوش ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 ان وقت اوهين اي خدا جي قوم! ائين خوشيءَ جا گيت ڳائيندا، جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن. اوهان جي دل ايتري تہ خوش هوندي، جيتري انهن ماڻهن جي جيڪي بانسرين جي آواز پٺيان بني اسرائيل جي محافظ خداوند جي هيڪل ڏانهن جبل تي چڙهندا ويندا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:29
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ٻيو ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ٻيو ڪير ٽڪر آهي.


تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين.


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:


۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.


اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو.


اوهين هميشہ لاءِ خداوند تي ڀروسو رکو: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ هڪڙو دائمي ٽڪر آهي.


هن جو دم نديءَ جي اُٿل وانگي آهي، جا ڳچيءَ تائين ٿي پهچي تہ قومن کي فنا ڪرڻ واري پرڻ سان ڇاڻي ۽ اُمتن جي ڄاڙين ۾ گمراهہ ڪندڙ لغام وجهي.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي!


اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.


اهو اوهان جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو: انهي مهيني جي نائين تاريخ جي شام کان وٺي ٻيءَ شام تائين، پنهنجي آرام جو وقت ڪري ليکجو.


۽ جڏهن هو زبور ڳائي چڪا تڏهن زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.


۽ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خوشيءَ سان عيد ملهائجو.


پر جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت تون مصر مان نڪتو هئين، انهي وقت فسح جي قرباني ڪج.


ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا.


اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.


۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ