Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:25 - Sindhi Bible

25 ۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ ڏينهن جڏهن اوهان جي دشمنن جا قلعا فتح ڪري سندن قتلام ڪيو ويندو، تڏهن هر جبل ۽ هر ٽڪريءَ تان پاڻيءَ جا چشما ۽ نهرون وهي هلنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:25
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.


جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ ديودار جي مٿانهين چوٽيءَ مان ٽاري کڻندس ۽ اُها لڳائيندس؛ آءٌ هن جي چوٽيءَ وارين ننڍين ٽارين مان هڪڙي سنهڙي ٽاري وڍيندس ۽ اُها هڪڙي وڏي ۽ مٿانهين جبل تي پوکيندس:


۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس.


۽ آءٌ انهن کي، ۽ پنهنجي ٽڪريءَ جي آس پاس وارين جاين کي، برڪت جو سبب ڪندس؛ ۽ آءٌ مندائتو مينهن وسائيندس؛ بلڪ برڪت جا وسڪارا ٿيندا.


۽ هن مون کي موٽائي گهر جي در تي آندو؛ ۽ ڏس اُڀرندي ڏانهن گهر جي چانئٺ جي هيٺان پاڻي ٿي نڪتا، ڇالاءِ جو گهر جو اڳ اُڀرندي ڏانهن هو: ۽ پاڻي گهر جي ساڄي پاسي کان قربانگاهہ جي ڏکڻ پاسي هيٺان ئي هيٺان ٿي لٿا.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


تنهنجا سڀ قلعا انهن انجيرن جي وڻن جهڙا ٿيندا، جن ۾ پهريان پڪل انجير هجن: جي انهن کي ڪو لوڏي تہ اُهي کائيندڙ جي وات ۾ ڪِري پون.


پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.


جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي اندران، جيئن ڪ پاڪ ڪلام ۾ چيل آهي، زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وهنديون.


ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ