Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:24 - Sindhi Bible

24 ڏاند توڙي جوان گڏهہ، جي زمين ٿا کيڙين، سي ڪوڏر ۽ سپ سان وائريل سوادي چارو کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 جيڪي ڏاند ۽ گڏهہ اوهان جي ٻنين ۾ هر ٿا ڪاهين، تن کي ڇڄ سان وائريل عمدو ۽ بهترين اناج چاري ۾ ڏنو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:24
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو بہ چيائينس تہ اسان وٽ گاهہ ۽ چارو ججهو ئي آهي، ۽ رهڻ جي جاءِ بہ آهي.


ڇوتہ ٻن ورهين کان ملڪ ۾ ڏڪار آهي، پر اڃا پنج ورهيہ ٻيا پيا آهن، جن ۾ نڪا زمين کيڙبي، نڪو لابارو پوندو.


ڇهہ ڏينهن تون ڪم ڪار ڪج، پر ستين ڏينهن آرام وٺج: هر کيڙڻ وقت، ۽ لاباري وقت بہ آرام وٺج.


اوهين جي نهرن جي ڀرسان پوک ٿا ڪريو، ۽ ڏاندن ۽ گڏهن کي اوڏانهن ٿا موڪليو، سي مبارڪ آهيو.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، تہ پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري، ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکي، پر بهہ کي اهڙي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آهي.


۽ انهي شهر جا بزرگ انهيءَ گابيءَ کي هڪڙي اهڙيءَ ماٿريءَ ۾ وٺي وڃن، جنهن ۾ وهندڙ پاڻي هجي ۽ جنهن ۾ اڃا نہ هر وهيو هجي، نہ پوک ٿي هجي، ۽ انهيءَ ماٿريءَ ۾ هو انهيءَ گابيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏين:


جڏهن ڏاند اَن ڳاهي تڏهن انهي جو ٻُوٿ نہ ٻڌ.


۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ