Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:23 - Sindhi Bible

23 ۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 خداوند اوهان جي ٻنين ۾ پوکيل ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مينهن وسائيندو ۽ ٻنيءَ جي فصل مان اوهان کي عمدو ۽ جھجھو رزق عطا ڪندو. انهيءَ وقت اوهان جو چوپايو مال ڪشادين چراگاهن ۾ چرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:23
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون، ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون؛


ست چڱيون ڳئون ست ورهيہ آهن؛ ۽ ست چڱا سنگ بہ ورهيہ آهن: خواب هڪڙو ئي آهي.


۽ سڪار جي ستن ورهين ۾ زمين مان تمام گهڻي پيدائش ٿي.


اهي تنهنجي گهر جون نعمتون کائي ڍءُ ڪندا: ۽ تون اُنهن کي پنهنجين خوشين جي نديءَ مان پياريندين.


خدا اسان کي برڪت ڏيندو؛ ۽ زمين جي ڇيڙي تائين سڀيئي ماڻهو کانئس ڊڄندا.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هن جو بار سندس ڪلهي تي لهي پوندو، ۽ منهنجي پاڃاري سندس ڳچيءَ تان، ۽ اُها پاڃاري مسح ڪرڻ سبب ناس ڪئي ويندي.


اوهين جي نهرن جي ڀرسان پوک ٿا ڪريو، ۽ ڏاندن ۽ گڏهن کي اوڏانهن ٿا موڪليو، سي مبارڪ آهيو.


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


۽ اهي گهر اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ اهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا، ۽ انهن جو ميوو کائيندا،


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.


۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو.


جيڪڏهن اوهين منهنجن قانونن تي هلندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا؛


۽ اوهان جي ان ڳاهڻ جو ڪم ڊاک چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو، ۽ ڊاک چونڊڻ جو ڪم ان پوکڻ تائين پيو هلندو: ۽ اوهين ماني ڍؤ ڪري کائيندا، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت پيا گذاريندا.


پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


تہ آءٌ اوهان جي ملڪ ۾ مند تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندس. انهي لاءِ تہ تون پنهنجو اَن، ۽ پنهنجو شراب، ۽ پنهنجو تيل گڏ ڪري سگهين.


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ