Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:22 - Sindhi Bible

22 ۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ اوهين پنهنجي سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي گند ڪچري جيان اڇلائي ڇڏيندا. هائو، اوهين انهن کي حيض واري ناپاڪ ڪپڙي وانگر پري اڇلائي ڇڏيندا، بلڪ اوهان جي نظر ۾ اهي پاخاني جي گند مثل هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:22
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


ڇالاءِ جو انهي ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجون چانديءَ ۽ سون جون مورتون، جي اوهان جن هٿن گناهہ ڪرڻ لاءِ جوڙيون آهن، سي اُڇلائي ڇڏيندو.


اُڪريل مورت تہ ڪاريگر پگهاري، ۽ سونارو انهي تي سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ جي لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو،


جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا.


صيون پنهنجا هٿ ڊگهيري ٿو؛ ڪوبہ ان کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ خداوند يعقوب جي نسبت ۾ حڪم ڪيو آهي، تہ جيڪي ان جي آس پاس آهن سي سندس دشمن ٿين: انهن ۾ يروشلم ناپاڪ شيءِ جهڙو آهي.


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين باز اچو ۽ پاڻ کي پنهنجن بُتن کان ڦيريو؛ ۽ سڀني ڪراهت جهڙين شين کان پنهنجا منهن مٽيو.


۽ هن جبلن تي نہ کاڌو هوندو، ۽ نہ اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، نڪي ڪنهن زال کي حيض ۾ ويجهو آيو آهي؛


تڏهن اوهين پنهنجا خراب رستا ياد ڪندا، ۽ پنهنجا ڪم جي چڱا نہ هئا، ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن ڪمن، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري خود پنهنجي نظر ۾ اوهين پاڻ کي ڌڪاريندا.


هو پنهنجي چاندي گهٽين ۾ اُڇلائيندا، ۽ هنن جو سون ناپاڪ شيءِ جهڙو ٿيندو؛ هنن جي چاندي ۽ هنن جو سون خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ هو پنهنجن روحن کي راضي نہ ڪندا، ۽ نہ هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو هنن جي بدڪاريءَ جو آٿڙائڻ وارو پهڻ ٿيو آهي.


باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو.


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، پشم جو هجي يا سڻيءَ جو، يا چم مان جڙيل ڪا شيءِ هجي، جنهن تي بہ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي هو باهہ ۾ ساڙي ڇڏي: ڇالاءِ جو اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس.


تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“


اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ