Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:20 - Sindhi Bible

20 جيتوڻيڪ خداوند اوهان کي مصيبت جي ماني ۽ ڏک جو پاڻي ڏيندو، تڏهن بہ اڳتي تنهنجا استاد لڪايا نہ ويندا، بلڪ تنهنجون اکيون تنهنجن اُستادن کي ڏسنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيتوڻيڪ پروردگار اوهان کي تنگي ۽ ڏکيائيءَ ۾ وڌو آهي، تہ بہ هاڻي اهو سيکاريندڙ خدا، جيڪو اوهان کان ڳجھو آهي سو وري اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان.


۽ چئو تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي، تہ هن شخص کي قيد ۾ وجهو ۽ مصيبت جي ماني کارايوس ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيستائين آءٌ صحيح سلامت موٽي اچان.


ڇو جو آءٌ خاڪ مانيءَ وانگر ٿو کاوان، ۽ لڙڪ گڏيل پاڻي ٿو پيئان.


اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي.


ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي.


اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.


تو انهن کي ڳوڙهن جي ماني کارائي آهي، ۽ بيشمار لڙڪن جو پاڻي ڏنو آهي.


هو ڪنهن کي علم سيکاريندو؟ ۽ ڪنهن کي پيغام سمجهائيندو؟ ڇا انهن کي جن کان کير ڇڏايو ويو آهي، ۽ جي ٿڻن کان پري ڪيا ويا آهن؟


اهو بلندي تي رهندو: جابلو قلعا هن جي پناهہ ٿيندا: هن جي ماني کيس ڏني ويندي: ۽ هن کي پاڻي بہ ضرور ملندو.


جلاوطن قيدي جلد آزاد ڪيا ويندا؛ هو نہ مرندو، نہ پاتال ۾ ويندو، نڪي هن جي ماني کٽندي.


تنهنڪري اوهين فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ هو پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛


تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ