Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:17 - Sindhi Bible

17 هڪڙي جي ڌمڪيءَ سان هڪ هزار ڀڄندا؛ پنجن جي ڌمڪيءَ سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ اوهين جبل جي چوٽيءَ تي روشنيءَ جي مينار وانگر ۽ ٽڪريءَ تي نشان وانگي رهجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هڪڙي دشمن سپاهيءَ جي دڙڪي سان اوهان جا هڪ هزار ماڻهو ڀڄي نڪرندا. پنجن دشمنن جي دڙڪي سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا. ايتري قدر جو اوهان مان ڪوبہ باقي نہ رهندو، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جيڪو ڄڻ ويران ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪنهن ٿنڀي يا جھنڊي جيان ڏسڻ ۾ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.


هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.


اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.


۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.


۽ اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڇڏيندا: ۽ اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.


تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو:


پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي.


پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ