Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:16 - Sindhi Bible

16 اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 بلڪ اوهان چيو تہ ”نہ، اسين گھوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين.“ سو اوهين ڀڄي ضرور ويندا پر بچي ڪين سگھندا. اوهان هي بہ چيو تہ ”اسين تيز رفتار جانورن تي سوار ٿي دشمن کان بچي وينداسين.“ پر ياد رکو، اوهان جو پيڇو ڪندڙ دشمن اوهان کان وڌيڪ تيز رفتار هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪلدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ انهيءَ کي وڃي پهتو: ۽ هن جو سڀ لشڪر کيس ڇڏي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويو.


هن جي گهڻي زور جي ڪري تون هن تي ڀروسو رکندين ڇا؟ يا تون پنهنجو ڪم هن تي ڇڏي ڏيندين ڇا؟


هو گهوڙن جي طاقت مان خوش نٿو ٿئي: نڪي ماڻهن جي ڄنگهن کان راضي ٿو ٿئي.


گهوڙو بچاءُ جي لاءِ اجائي شيءِ آهي: هو پنهنجي گهڻي زور جي ڪري ڪنهن کي ڪونہ بچائيندو.


هنن جو ملڪ چاندي، ۽ سون سان ڀرپور آهي، ۽ سندن خزانن جي پڄاڻي ڪانہ آهي؛ انهن جو ملڪ گهوڙن سان ڀريل آهي ۽ سندن گاڏين جي پڄاڻي ڪانهي.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


مصري انسان آهن، ۽ خدا نہ آهن؛ انهن جا گهوڙا گوشت آهن ۽ روح نہ آهن: جڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيريندو، تڏهن جيڪو مدد ٿو ڪري سو ٿاٻڙندو، ۽ جنهن کي مدد ٿي ملي سو ڪِرندو، ۽ اهي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڀني جنگي ماڻهن انهن کي ڏٺو تڏهن اُٿي ڀڳا ۽ رات جي وقت، بادشاهہ جي باغ واري رستي کان، ٻن ڀتين جي وچ واري در مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا: ۽ هو عرباہ جو رستو ڏئي نڪري ويو.


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


جو تکو آهي سو ڀڄي نہ وڃي، ۽ جو زور وارو آهي سو نڪري نہ وڃي؛ اُتر ۾ فرات نديءَ جي ڪنڌن تي هو آٿڙجي ڪِريا آهن.


تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.


اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.


مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو.


اي لڪيس جا رهاڪو، تکي گهوڙي جي گاڏي تيار ڪريو. تو شروع کان صيون کي گناهہ ڪرايو، ڇالاءِ جو اسرائيل جا قصور بہ تو ۾ لڌا ويا.


هنن جا گهوڙا بہ چيتن کان تکا آهن، ۽ شام جي بگهڙن کان وڌيڪ خوفناڪ آهن. هنن جا گهوڙي سوار مغروريءَ ۾ وڌندا ٿا اچن: هائو، هنن جا گهوڙي سوار پري پري کان ائين اُڏامندا ٿا اچن جيئن عقاب شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ ايندو آهي.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ