Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:11 - Sindhi Bible

11 رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اوهين پيغام ٻڌائڻ جي رستي کان هٽي پري ٿيو، هائو، انهيءَ راهہ کان بلڪل هٽي وڃو. اوهان جو بني اسرائيل وارو پاڪ معبود جيڪي چوي ٿو، سو اسين ٻڌڻ نہ ٿا چاهيون.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڪنهن کي طعنو هنيو آهي ۽ ڪنهن جي حق ۾ ڪفر بڪيو اٿيئي؟ ۽ ڪنهن تي تو پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ پنهنجيون اکيون مٿي کنيون آهن؟ يعني اسرائيل جي پاڪ خدا تي.


انهيءَ هوندي بہ هنن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ، ڇالاءِ جو اسين تنهنجا رستا ڄاڻڻ نہ ٿا گهرون.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


جيڪي ماڻهوءَ کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا ٺهرائين، ۽ جيڪو دروازي تي بيهي ملامت ٿو ڪري تنهن لاءِ ڦندو ٿا وجهن: ۽ سچار کي معمولي شيءِ سان ڦيرايو ڇڏين.


پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


پر اليماس يعني جادوگر (ڇوتہ انهي لقب جي معنيٰ اها آهي) سندن برخلاف ٿي بيٺو، جو ڀانيائين تہ حاڪم کي ايمان آڻڻ کان روڪيان.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


گلاخور، خدا جي نظر ۾ نفرتي، بي ادب، مغرور، ٻٽاڪي، خراب ڳالهيون بنائيندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان،


ڇالاءِ تہ جسماني نيت خدا سان دشمني آهي؛ جو اُها نڪي خدا جي شريعت جي تابع آهي نڪي ٿي سگهي ٿي:


ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ