Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 30:1 - Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ انهن باغي ٻارن تي افسوس آهي، جيڪي صلاحون ڪن ٿا؛ پر مون سان نہ؛ جيڪي ڍڪ ڍڪين ٿا، پر منهنجي روح جو نہ؛ انهيءَ لاءِ تہ هو گناهہ تي گناهہ ڪندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 30:1
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڏس، تنهنجو ڀروسو اهڙيءَ لٺ تي آهي جهڙو ڦٿل ڪانو، يعني مصر تي آهي، جنهن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏيندو تہ اُهو سندس هٿ ۾ چُڀي ويندو: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن، تن جي لاءِ اهڙو ئي آهي.


تڏهن توکان ڪيئن ٿي سگهندو تہ منهنجي ڌڻيءَ جي خسيس نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائين، ۽ رٿن ۽ گهوڙي سوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکين؟


آءٌ هميشہ تنهنجي خيمي ۾ رهندس: آءٌ تنهنجن پرن جي هيٺ پناهہ وٺندس.


اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن.


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


ڇالاءِ جو کٽولو اهڙو ننڍو آهي جو ان تي ماڻهو ٽنگون ڊگهيون ڪري نہ سگهي، ۽ سوَڙ اهڙي سوڙهي آهي جو ان ۾ ماڻهو پاڻ کي ويڙهي نہ سگهي.


انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


۽ خداوند صيون جبل جي سڀ ڪنهن مڪان تي، ۽ ان جي جماعتن تي، ڏينهن جو ڪڪر ۽ دونهون، ۽ رات جو شعلي وانگر باهہ جو سوجهرو پيدا ڪندو: ڇالاءِ جو انهيءَ ساري جلال تي هڪڙي ڇٽي پکيڙي ويندي.


افسوس انهن تي جي برائيءَ کي مغروريءَ جي نوڙين سان ڇڪن ٿا، ۽ گناهہ کي ڄڻ تہ گاڏيءَ جي رسي سان تاڻين ٿا:


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛


خداوند مضبوط هٿ سان مون سان ڳالهايو، ۽ مون کي سمجهايائين تہ هن قوم جي رستي تي نہ هلان، ۽ فرمايائين تہ


جن سڀني ڳالهين جي نسبت ۾ هيءَ قوم منصوبو ٿي چوي، تنهن کي اوهين منصوبو نہ چئو؛ ۽ نہ انهي جي ڊپ کان اوهين ڊڄو، نڪي انهن جو ڪو خوف ڪريو.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي.


۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟


خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو.


ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.


اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهان جي نسبت ۾ خداوند فرمايو آهي تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃو: پڪ ڄاڻو تہ مون اڄوڪي ڏينهن اوهان وٽ شاهدي ڏني آهي.


پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي اُهي ماڻهو آهن جي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين، ۽ هن شهر ۾ خراب صلاح مصلحت ٿا ڏين:


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، آءٌ توکي بني اسرائيل ڏانهن ٿو موڪليان، ۽ انهن قومن ڏانهن جي باغي ٿيون آهن، ۽ جن منهنجي برخلاف بغاوت ڪئي آهي: هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ تائين منهنجي حڪم جي عدولي پئي ڪئي آهي.


۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ.


۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي.


۽ ترار هن جي شهرن تي ڪڙڪندي، ۽ هن جي درن جي گزن کي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ خود سندن مصلحتن ڪري هنن کي ڳهي ڇڏيندي.


۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.


ويل هجي انهن لاءِ! ڇالاءِ جو اهي مون کان گمراهہ ٿي ويا آهن؛ موت هجي انهن جي لاءِ! ڇالاءِ جو هو مون کان باغي ٿي ويا آهن: جيتوڻيڪ مون هنن کي بچائڻ گهريو تہ بہ هنن منهنجي آڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي.


تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان.


۽ ڏسو اوهين جي گنهگارن جو اولاد آهيو، سي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اُٿيا آهيو؛ انهي لاءِ تہ خداوند بني اسرائيل تي اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙجي.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


۽ هيئن ٿئي، تہ اهڙو ماڻهو لعنت جون هي ڳالهيون ٻڌي، پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجهي، ۽ چوي، تہ جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو ٿي سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندس، تڏهن بہ سلامت رهندس:


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي انهي ڏينهن کان اوهين خداوند جي برخلاف فساد ڪندا ٿا اچو.


هيءَ ڳالهہ ياد رک، ۽ ڪڏهن نہ وسار، تہ ڪيئن نہ بيابان ۾ تو خداوند پنهنجي خدا کي ڪاوڙايو: جنهن ڏينهن کان تون مصر جي ملڪ مان نڪتو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين، تو خداوند جي برخلاف فساد پئي ڪيو آهي.


پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.


تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ