4 ۽ آءٌ ٻارن کي انهن جا سردار ڪندس، ۽ ننڍڙا ٻار انهن تي حڪومت ڪندا.
4 اٽلندو خداوند انهن جي مٿان ٻارن کي اڳواڻ مقرر ڪندو، هائو، انهن تي ننڍڙا ٻار حڪومت ڪندا.
جڏهن منسي بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٻارهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي.
جڏهن يوسياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن اٺن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي.
جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي:
جڏهن يهوآخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٽيويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي.
جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا ۽ ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
اي ملڪ افسوس آهي تنهنجي حال تي، جڏهن تنهنجو بادشاهہ هڪڙو ٻار آهي، ۽ تنهنجا امير صبح جو کائين ٿا!
باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.
هيترو بہ وڌيڪ خداوند فرمايو، ڇالاءِ تہ صيون جون ڌيئرون مغرور آهن، ۽ ڳچيون ڊگهيون ڪري شوخ چشم ٿي هلن ٿيون، ۽ هلندي ناز نخرا ٿيون ڪن ۽ پيرن سان گهنگهرو ٿيون وڄائن:
پنجاهہ جو سردار، ۽ عزت وارو ماڻهو، ۽ مشير ۽ استاد ڪاريگر، ۽ جادوگر.
ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ اهڙو حال ٿيو جو هن انهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.