Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 3:26 - Sindhi Bible

26 ۽ بازارن ۾ رئندا ۽ پِٽيندا؛ ۽ هوءَ سُڃي سکڻي ٿي زمين تي ويهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 3:26
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ست ڏينهن ۽ ست راتيون هن وٽ ويهي رهيا، ۽ منجهائن هڪڙي بہ هن سان ڪجهہ ڪين ڳالهايو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ هنکي تمام وڏو اهنج هو.


۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙي ٺڪري کنئي، جنهن سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو؛ ۽ هو خاڪ ۾ ويٺو هوندو هو.


اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.


پوءِ آءٌ اريئيل کي ڏک ڏيندس، ۽ اتي ماتم ۽ نوحو ٿيندو: پوءِ هو منهنجي لاءِ اريئيل جهڙو ٿيندو.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


يهوداہ ماتم ڪري ٿو ۽ انهن جون منڊيون ملول آهن، اهي ڪارن ڪپڙن ۾ زمين تي ويٺا آهن؛ ۽ يروشلم جي دانهن مٿي چڙهي وئي آهي.


هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


صيون جا رستا سڃا ٿيا پيا آهن، ڇالاءِ جو ڪوبہ سڳوري جماعت ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ ان جا سڀ دروازا سڃيا پيا آهن، ان جا ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا کڻن: ان جون ڪنواريون ڇوڪريون ڏک ۾ آهن، ۽ هو پاڻ غم ۾ آهي.


صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون.


خداوند ارادو ڪيو آهي تہ صيون جي ڌيءَ جي ڀت ناس ڪري ڇڏي؛ هن ڏور ڇڪي آهي، هن ناس ڪرڻ کان پنهنجو هٿ نہ روڪيو آهي: پر هن قلعي جي ٺلهہ ۽ ڀت کي ماتم ۾ وڌو آهي؛ اُهي گڏ پيا ڏک ۾ ڳرن.


۽ جيڪي شهر آباد آهن، سي غير آباد ٿيندا، ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


پوءِ سمنڊ جا سڀ بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا، ۽ پنهنجا شاهي قبا لاهي رکندا، ۽ پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا لاهي ڇڏيندا: هو پاڻ کي ڏڪڻيءَ سان ڍڪيندا: هو زمين تي ويهندا، ۽ هر لحظي ڏڪندا، ۽ توتي حيران ٿيندا.


ڇالاءِ جو هن جا ڦٽ ڇُٽڻ جا ناهن: ۽ اُهو يهوداہ تائين، بلڪ منهنجي قوم جي دروازي تائين، يعني يروشلم تائين، اچي پهتو آهي.


تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين؛ اسان ماتم ڪيو پر اوهان رُنو پِٽيو ئي ڪين.


۽ اُهي توکي، ۽ تو ۾ جيڪي تنهنجا ٻار آهن تن کي، وٺي پَٽ سان هڻندا، ۽ تو ۾ پهڻ پهڻ تي بہ نہ ڇڏيندا، ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تو تي نظر ٿي، تنهن ڏينهن کي تو نہ سڃاتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ