Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 3:23 - Sindhi Bible

23 هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ڄاريءَ واريون قميصون، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، سربند ۽ سنها نقاب.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 3:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نوڪر کان پڇيائين تہ هيءُ ماڻهو جو ميدان ۾ اسان کي گڏجڻ لاءِ پيو اچي، سو ڪير آهي؟ نوڪر چيو تہ اهو منهنجو مالڪ آهي: تڏهن هن برقعو کڻي پنهنجو منهن ڍڪيو.


۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛


۽ دائود، ۽ سڀ لاوي جن صندوق کنئي هئي، ۽ ڪنانياہ ڳائڻ وارن جو سردار، ۽ سڀ ڳائڻا جي ساڻس هئا، تن کي ڪتاني سڻيءَ جا جبا پيل هئا: ۽ دائود کي ڪتاني سڻيءَ جو افود پيل هو.


۽ هن پتل جو هڪڙو حوض، ۽ انهي جي لاءِ پتل جي صندلي جوڙي؛ هن اهي جماعت واري تنبوءَ جي در تي، جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون، تن جي آرسين مان جوڙيا.


جيڪي پهري وارا شهر جي چوڌاري پيا گهمن تن مون کي ڏٺو، اُنهن مون کي ماريو ۽ مون کي زخمي ڪري وڌائون؛ ڀتين جي رکوالن مون کان منهنجي چادر کسي ورتي.


عيد جون پوشاڪون ۽ پهراڻ، شالون ۽ ٿيلهيون


۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ.


جنڊ کڻي ويهي اَن پيهہ: پنهنجو نقاب لاهي ڇڏ؛ گهاگهرو ويڙهي ٽَنگ اُگهاڙي ڪري ندين مان لنگهي وڃ.


مون توکي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا، ۽ ملار مڇيءَ جي کل جي جُتي بہ پارائي، ۽ عمدي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي چيلهہ سان ٻڌم، ۽ ريشم جي چادر توکي ڍڪايم.


۽ مون چيو، تہ ڀلي هن جي مٿي تي چڱي پڳ آڻي ٻڌن. انهيءَ موجب هنن هڪڙي سٺي پڳ هن جي مٿي تي آڻي ٻڌي، ۽ ڪپڙا ڍڪيائونس؛ ۽ خداوند جو فرشتو پاسي ۾ بيٺو رهيو.


هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو.


۽ آسمان جون فوجون سفيد گهوڙن تي، اڇن ۽ صاف ڪتاني ڪپڙن ۾ سندس پٺيان پئي آيون.


۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن.


۽ هن چيس تہ اها جيڪا چادر تنهنجي مٿان آهي سا کڻي اچي جهل؛ ۽ هن اُها آڻي جهلي: ۽ هن جوَن جا ڇهہ ماڻ ڀري مٿس رکيا: پوءِ هو شهر ڏانهن هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ