2 يعني پهلوان ۽ جنگي مرد؛ قاضي ۽ نبي، فال وجهڻ وارو ۽ ڪهن سال؛
2 سندن بهادر، جنگي جوان، جج، نبي، فال وجھڻ وارا، اڳواڻ،
انهيءَ طرح سڀ اسرائيلي پيڙهين موجب شمار ڪيا ويا؛ ۽ ڏس، اُهي اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن؛ ۽ يهوداہ، پنهنجن گناهن ڪري قيد ٿي بابل ڏي کڄي ويو.
اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.
پنجاهہ جو سردار، ۽ عزت وارو ماڻهو، ۽ مشير ۽ استاد ڪاريگر، ۽ جادوگر.
هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛
۽ هن شاهي نسل وارن مان هڪڙي کي وٺي، اُنهي سان عهد اقرار ڪيو؛ هن انهي کي قسم هيٺ بہ آندو، ۽ ملڪ جي بهادرن کي بہ هو وٺي ويو:
تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بزرگ پنهنجن پنهنجن بُتن جي ڪوٺين ۾ اونداهيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن؟ ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند اسان کي نٿو ڏسي؛ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي.
۽ ٻين کي هن منهنجي ٻڌندي چيو، تہ اوهين هن جي پٺيان شهر منجهان وڃو ۽ ماريو: پنهنجي اک کي گذر ڪرڻ نہ ڏيو، ۽ نڪو رحم ڪريو:
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي وچ مان قاضيءَ کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سندن سڀ امير ساڻس گڏ ڪُهي ڇڏيندس.