Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 3:19 - Sindhi Bible

19 يعني پنڙا ۽ ڪنگڻ ۽ روبند،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پنڙا، ڪنگڻ ۽ روءِ‌بند،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 3:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا،


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ، ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا، ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ ربقہ جي ڳالهہ ٻڌائين، جنهن چيس تہ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي هيئن چيو، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ هو چشمي وٽ اُٺن جي ويجهو بيٺو آهي.


پوءِ هن نوڪر چانديءَ ۽ سون جا زيور، ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا: ۽ سندس ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي شيون ڏنائين.


سو هنن وٽ جيڪي معبود هئا، ۽ سندن ڪنن ۾ جيڪي مندرا هئا، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون، ۽ يعقوب اهي سڀيئي، انهيءَ بلوط جي وڻ هيٺ لڪائي ڇڏيا، جيڪو سڪم وٽ بيٺل هو.


هن چيو تہ ڪهڙي سوٿي ڏيانءِ؟ هن چيو تہ پنهنجي منڊي، ڏوري ۽ لٺ جا هٿ ۾ اٿئي. تنهن تي هن اهي شيون کيس ڏنيون، پوءِ هو وٽس ويو، ۽ هوءَ منجهانئس حاملہ ٿي.


پر جڏهن هن کي وٺي آيا، تڏهن هن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليو، تہ جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن، تنهن مان آءٌ حاملہ ٿي آهيان: ۽ چيائين تہ ڀلائي ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جون آهن.


تڏهن هارون کين چيو تہ جيڪي سون جون واليون اوهانجن پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن ۾ آهن، سي ڀڃي مون وٽ کڻي اچو.


تنهن تي سڀيئي ماڻهو پنهنجون سون جون واليون، جيڪي سندن ڪنن ۾ هيون، سي ڀڃي هارون وٽ کڻي آيا.


۽ انهن مان جيترن مردن توڙي زالن جي دلين ۾ اهڙي خواهش پيدا ٿي، سي سڀ ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ، ۽ سڀ سونا زيور کڻي آيا؛ مطلب تہ جن ماڻهن نذرانو ڏنو تن خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو ڏنو.


انهي ڏينهن خداوند انهن جي نورن ۽ ڄارين ۽ نئين چنڊ جهڙن زيورن جي بي حيائي ڪڍي ڇڏيندو؛


تاج ۽ توڙا، ڪمر بند ۽ عطر دانيون ۽ تعويذ؛


۽ مون توکي زيورن سان بہ سينگاريو، ۽ تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ ۾ زنجير وڌم.


۽ تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم، ۽ تنهنجن ڪَنن ۾ پنڙا وڌم، ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو ڇٽ رکيم.


۽ اسان مان هرهڪ ماڻهوءَ کي جيڪي هٿ لڳو هو، تنهن مان، يعني سون جي زيورن مان، پير جي ڪڙن مان، دهرين ۽ ڪنگڻن، ۽ منڊين مان، ايرنگن ۽ هارن مان، اسان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو آهي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ