Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 3:16 - Sindhi Bible

16 هيترو بہ وڌيڪ خداوند فرمايو، ڇالاءِ تہ صيون جون ڌيئرون مغرور آهن، ۽ ڳچيون ڊگهيون ڪري شوخ چشم ٿي هلن ٿيون، ۽ هلندي ناز نخرا ٿيون ڪن ۽ پيرن سان گهنگهرو ٿيون وڄائن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، يروشلم جون عورتون ڪيڏيون نہ مغرور آهن! اهي ڪنڌ آڪڙائي شوخ نظرن سان اشارا ڪنديون ٿيون وتن. اهي ناز نخرا ڪندي، ۽ پيرن ۾ پازيب جي جھنڪار ڪندي ٿيون هلن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 3:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


مٿانهين نظر ۽ مغرور دل، جا شريرن جي ڏيئي وانگر آهي سا گناهہ آهي.


ڪا پيڙهي آهي جنهن جون اکيون ڪيترو نہ مٿي آهن، ۽ انهي جا ڇپر مٿي کنيل آهن.


اي صيون جون ڌيئون، اوهين ٻاهر وڃي بادشاهہ سليمان ڏسو، جنهن کي اُهو ڇٽ پيو آهي جو سندس مڱڻيءَ جي ڏينهن، ۽ سندس دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، ماڻس ڍڪايو هو.


۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.


زمين ماتم ڪري ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، دنيا ملول ٿئي ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، ۽ زمين جا اعليٰ درجي وارا ماڻهو زبون ٿين ٿا.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛


تنهن ڪري خداوند صيون جي ڌيئن جا مٿا گنجا ۽ سندن بدن اُگهاڙا ڪندو.


انهي ڏينهن خداوند انهن جي نورن ۽ ڄارين ۽ نئين چنڊ جهڙن زيورن جي بي حيائي ڪڍي ڇڏيندو؛


۽ آءٌ ٻارن کي انهن جا سردار ڪندس، ۽ ننڍڙا ٻار انهن تي حڪومت ڪندا.


يعني تہ جڏهن خداوند عدالت جي روح ۽ باهہ جي روح سان صيون جي ڌيئن جي گندگي ڌوئي ڇڏيندو، ۽ يروشلم جو رت صاف ڪري ڇڏيندو.


انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ.


”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“


پر يسوع انهن ڏانهن منهن ڪري چيو، تہ اي يروشلم جون ڌيئرون، مون لاءِ نہ روئو، پر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ روئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ