Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:8 - Sindhi Bible

8 ۽ اهڙو حال ٿيندو، جهڙو ڪو بکايل ماڻهو خواب ۾ ڏسي تہ ماني ويٺو کائي؛ پر جڏهن جاڳي تڏهن ڏسي تہ سندس اندر خالي آهي: يا جهڙو ڪو اُڃايل ماڻهو خواب ۾ ڏسي تہ پاڻي ٿو پئي؛ پر جڏهن جاڳي تڏهن ڏسي تہ ساڻو ٿيو پيو آهي ۽ اندر ۾ اُڃ اٿس: انهيءَ طرح جيڪو قومن جو ڪٽڪ صيون جبل سان وڙهندو، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون هونديون، تن جو حال انهيءَ بکايل ماڻهوءَ جهڙو ٿيندو، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي کاڌو کائيندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ سندس پيٽ خالي آهي. هائو، اهي قومون انهيءَ اڃايل ماڻهوءَ جيان هونديون، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي پاڻي پيئندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ هو اڃايل ۽ ساڻو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لوهار ڪهاڙو ٺاهي ٿو، ۽ اَڱرن تي ڪم ڪري ٿو، ۽ مترڪن سان انهي کي جوڙي، ۽ پنهنجن زور ڀرين ٻانهن سان انهي کي گهڙي ٿو: هائو، هو بکائجي ٿو، ۽ ڪمزور ٿو ٿئي؛ هو پاڻي نٿو پيئي، ۽ ساڻو ٿو ٿئي.


جيئن ڪو ماڻهو جاڳي خواب کي ڀلجيو وڃي، تيئن جڏهن تون جاڳندين تڏهن انهن جي شڪل کي حقير ڄاڻيندين.


۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.


جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


جيڪي صيون سان عداوت ٿا رکن، سي سڀيئي شل ڦڪا ٿي پٺ تي هٽجن.


ڏس، جيڪي تو تي ڪاوڙيل آهن سي سڀ شرمندا ۽ بدنام ٿيندا: جيڪي تو سان وڙهن ٿا سي حقير ۽ تباهہ ٿيندا.


تون انهن کي ڳوليندين ۽ نہ لهندين، يعني جيڪي تو سان وڙهن ٿا: جيڪي تو سان جهيڙو ۽ جنگ ٿا ڪن، سي ڪين جهڙا، ۽ نابود ٿي ويندا.


جيڪو ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري، سو تو تي چڙهي آيو آهي: جنگي سامان تيار رک، رستي تي نظر رک، پنهنجي چيلهہ ٻڌي پاڻ کي تمام مضبوط ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ