Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:7 - Sindhi Bible

7 ۽ انهن سڀني قومن جون ٽوليون جي اريئيل سان وڙهنديون، يعني اهي سڀ، جي انهي سان، ۽ انهي جي قلعي سان وڙهندا، ۽ کيس تڪليف ڏيندا؛ اهو سڀ هڪڙي خواب يا رات جي رويا وانگي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن انهن سڀني قومن جا ڪٽڪ، جيڪي منهنجي قربان‌گاهہ واري ان شهر سان اچي جنگ جوٽيندا. هائو، اهي دشمن جيڪي انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري سندس قلعي تي اچي حملو ڪري ان کي مصيبت ۾ وجھندا، سي سڀ هڪڙي خواب مثل گم ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خواب وانگر اُڏامي ويندو، ۽ لڀندو ئي ڪين: هائو، هو رات جي رويائن وانگر ڀڄايو ويندو.


جيئن ڪو ماڻهو جاڳي خواب کي ڀلجيو وڃي، تيئن جڏهن تون جاڳندين تڏهن انهن جي شڪل کي حقير ڄاڻيندين.


شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.


۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.


سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن.


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


جيڪو ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري، سو تو تي چڙهي آيو آهي: جنگي سامان تيار رک، رستي تي نظر رک، پنهنجي چيلهہ ٻڌي پاڻ کي تمام مضبوط ڪر.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني قومن کي، جي يروشلم جي برخلاف ايندا، ناس ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ