Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 29:4 - Sindhi Bible

4 ۽ تون ذليل ڪيو ويندين، ۽ زمين تان ڳالهائيندين، تنهنجو ڳالهائڻ مٽيءَ منجهان ڍرو ايندو؛ تنهنجو آواز انهي ماڻهو جهڙو هوندو جنهن کي جن آيو هجي، ۽ زمين منجهان ٻڌڻ ۾ اچي، ۽ تنهنجو ڳالهائڻ مٽيءَ مان آيل ڀڻڪي وانگي هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 بيشڪ، يروشلم کي پست ڪيو ويندو، ۽ هيٺان پاتال مان ڍري آواز سان اهو مدد لاءِ پڪاريندو. هائو، انهيءَ جو آواز مئل ماڻهوءَ جي روح جي آواز وانگر جھيڻو هوندو، جيڪو زمين جي اندران کان ٻڌڻ ۾ ايندو، بلڪ انهيءَ جو آواز مٽيءَ مان آيل ڀڻڪي وانگر هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 29:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان جي جان جهڪي وڃي مٽيءَ سان ملي آهي: ۽ اسان جو جسم وڃي پٽ سان لڳو آهي.


ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.


پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.


آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.


اي يروشلم پاڻ تان مٽي ڇنڊي ڇڏ، اُٿي ويهہ: اي صيون جي قيدي ڌيءَ پنهنجي ڳچيءَ جا بند کولي ڇڏ.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ