Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:7 - Sindhi Bible

7 پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڪاهن توڙي نبي سڏائيندڙ بہ مئي جي ڪري ڀلجي ويا آهن. اهي نشي وارين شين ۾ غرق ٿي ٿاٻڙبا ٿا وتن. سو اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:7
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي نشئيءَ وانگي پيا آٿڙن ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيا لڏن، ۽ سندن هوش گم ٿيو وڃي.


شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي، نشيدار پيئڻ جي شيءِ جهيڙا ڪندڙ آهي؛ جيڪو انهن جي ڪري مست ٿئي ٿو سو ڏاهو نہ آهي.


اهي جي شراب پيئڻ ۾ گهڻو وقت گذارين ٿا؛ اُهي جي گڏيل شراب ڳولي لهڻ لاءِ وڃن ٿا.


اي ملڪ، تون سڀاڳو آهين جڏهن تنهنجو بادشاهہ اميرن جو اولاد آهي، ۽ تنهنجا امير پوري وقت تي کائين ٿا، نہ نشي ٿيڻ لاءِ، پر سگهہ لاءِ!


خداوند ان منجهہ ڏنگائي جو روح وجهي ڇڏيو آهي؛ ۽ انهن مصر کي سندس سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ڪو نشئي ماڻهو پنهنجي قئي ۾ آٿڙي.


۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين.


۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو.


زمين نشئي ماڻهوءَ وانگي آٿڙندي، ۽ ڀُنگيءَ وانگي هيڏي هوڏي لڏندي ۽ ان جو گناهہ مٿس ڳرو ٿيندو، ۽ اها اهڙي ڪرندي جو وري نہ اُٿندي.


افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


۽ سڀني جي رويا اوهان لاءِ هڪڙي مهر لڳل بند ڪتاب جي لفظن وانگر ٿيندي، جو ماڻهو ڪنهن عالم شخص کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ آءٌ پڙهي نٿو سگهان؛ ڇو تہ هن تي مهر لڳل آهي:


باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.


تنهنجي پهرئين پيءُ گناهہ ڪيو، ۽ تفسير ڪندڙن منهنجي برخلاف ڏوهہ ڪيو آهي.


افسوس انهن تي جي صبح جو سوير ٿا اُٿن تہ نشي بازيءَ جي پٺيان پون؛ جي رات جو دير تائين ٿا ترسن، جيسين ڪ انهن کي شراب جو جوش چڙهي!


افسوس انهن تي جي شراب پيئڻ ۾ پهلوان آهن، ۽ نشي وارين شين ملائڻ ۾ زور وارا آهن:


جي شريرن کي انعام جو حقدار ٿا ڄاڻن ۽ سچي کان سچائي کسيو ٿا وٺن!


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ اهي نبي منهنجي نالي تي ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا: مون انهن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ نہ مون هنن کي ڪو حڪم ڏنو آهي، نڪي مون هنن سان ڳالهايو: هو اوهان کي ڪوڙو خواب ۽ ڪوڙي فال ۽ نڪمي ڳالهہ، يعني پنهنجي دل جي فريب جي نبوت ٿا ٻڌائين.


۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي اوهان وٽ نبوت ڪن ٿا تن جي ڳالهين ڏي ڪن نہ ڏيو؛ اُهي اوهان کي باطل ڳالهيون سيکارين ٿا؛ هو پنهنجي دل جا خيال خواب ٻڌائين ٿا، نہ جيڪي خداوند جي وات مان آهي.


هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي.


اوهان باطل رويا ڏٺو آهي، ۽ اوهان ڪوڙي فال ٻڌائي آهي، جو اوهين چئو ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، اگرچہ مون فرمايو ئي ڪونهي.


۽ نہ ڪو ڪاهن اندرين ايوان ۾ گهڙڻ وقت شراب پيئي.


اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


افسوس آهي انهي تي، جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيئڻ لاءِ شراب ٿو ڏئي ۽ منجهس پنهنجو زهر ٿو گڏي، ۽ هن کي نشئي ٿو ڪري تہ سندن اوگهڙ تي نظر ڪري!


تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.


پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


ساڳيو انهي طرح مڙسن کي بہ گهرجي تہ پنهنجين زالن کي ائين پيار ڪن جيئن پنهنجي بدن کي پيار ٿا ڪن. جيڪو پنهنجيءَ زال کي پيار ڪري ٿو سو پاڻ کي پيار ٿو ڪري:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ