Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هن جي شاندار سونهن جو ڪومائجندڙ گل، جو آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اونهاري کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگي ٿيندو، جنهن تي جڏهن ڪنهن جي نظر ٿي پوي تہ ڏسندي ئي، ۽ هٿ ۾ ايندي ئي، کايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سندن شهر جيڪو شاندار ۽ خوبصورت آهي، ۽ زرخيز ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اهڙي گل مثل آهي جيڪو جلد ڪومائجي ٿو وڃي. هائو، اهو موسم کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگر ٿيندو، جنهن تي ڪنهن جي نظر پوي تہ انهيءَ کي هٿ ۾ کڻندي ئي اهو ڳڙڪايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.


جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.


جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.


اي افرائيم، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ اي يهوداہ، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ ڇالاءِ جو تنهنجي چڱائي صبح جي ڪڪر جهڙي آهي، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سويل ئي گم ٿي وڃي ٿي.


افرائيم کي ڌڪ لڳو آهي، هنن جي پاڙ سُڪي ويئي آهي، هو ڦر نہ جهليندا: هائو، جيتوڻيڪ هو ٻار ڄڻيندا، تہ بہ آءٌ انهن جي پيٽ جو پيارو ڦر ڪهي ڇڏيندس.


مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.


تنهنجا سڀ قلعا انهن انجيرن جي وڻن جهڙا ٿيندا، جن ۾ پهريان پڪل انجير هجن: جي انهن کي ڪو لوڏي تہ اُهي کائيندڙ جي وات ۾ ڪِري پون.


۽ آسمان جا تارا زمين تي ڪِري پيا، جيئن ڪ طوفان ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪِري پوندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ