26 ۽ هو اُهي پوريءَ طرح پوکي ٿو، ۽ هن جو خدا هن کي سيکاري ٿو.
26 هو ڄاڻين ٿا تہ کين پنهنجو ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا کين اها سمجھہ عطا ڪئي آهي.
۽ بضلي ايل، اهلياب، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو، جن جي دلين ۾ خداوند دانائي وڌي هئي، يعني اهي سڀ جن جي دل کين ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني، تن سڀني کي موسيٰ پاڻ وٽ سڏيو؛
سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.
هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.
خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري.
ڇالاءِ جو خدا ان جو عقل کسيو آهي، ۽ ان کي ڪابہ سمجهہ نہ ڏني اٿس.
جو اسان کي زمين جي جانورن کان وڌيڪ تعليم ڏئي ٿو، ۽ اسان کي هوا جي پکين کان زيادہ عقل عطا ڪري ٿو؟
۽ جيڪي هوشيار ماڻهو آهن، جن کي مون دانائيءَ جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ پوشاڪ ٺاهين، تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪري.
هو جو قومن کي سيکت ٿو ڏئي، ۽ ماڻهن کي علم ٿو سيکاري، سو سزا ڪين ڏيندو ڇا؟
هو ڪنهن کي علم سيکاريندو؟ ۽ ڪنهن کي پيغام سمجهائيندو؟ ڇا انهن کي جن کان کير ڇڏايو ويو آهي، ۽ جي ٿڻن کان پري ڪيا ويا آهن؟
جڏهن هو انهيءَ کي مٿان سنئون سڌو ڪري ٿو، تڏهن هو جاڻ نٿو ڇٽي ڇا؟ ۽ ٻج نٿو پکيڙي ڇا؟ ۽ ڪڻڪ اوڙين ۾، ۽ جَوَ مقرر جاءِ تي، ۽ ٻاجهري انهي جي ڪناري تي نٿو ڇاٽاري ڇا؟
هو جاڻ کي ڳاهڻ واري تکي اوزار سان نٿو ڳاهي، نڪي زيري تي گاڏي جو ڦيٿو ٿو ڦيرائي؛ جاڻ لٺ سان ڪُٽي ٿو، ۽ زيرو لڪڻ سان.
پر انسان ۾ روح آهي، ۽ قادر مطلق جو دم انهي کي سمجهہ ڏئي ٿو.