Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:22 - Sindhi Bible

22 تنهن ڪري هاڻي اوهين ٺٺولي نہ ڪريو، متان اوهان جا بند مضبوط ڪيا وڃن؛ ڇالاءِ جو مون خداوند، لشڪرن جي خداوند کان ٻڌو آهي، تہ هن ساري ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تنهنڪري هاڻي اوهين انهيءَ تنبيهہ تي ٽوڪبازي نہ ڪريو، متان اوهان کي قيد ٿيڻ وقت اڃا وڌيڪ مصيبت جو منهن ڏسڻو پوي. انهيءَ سبب جو خداوند قادرِمطلق کان مون ٻڌو آهي تہ هُن سڄي ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:22
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ افرائيم ۽ منسيءَ جي ساري ملڪ ۾، زبولون تائين، قاصد شهر بہ شهر لنگهي ويا: پر هو انهن تي کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


ڇو جو هن پتل جا دروازا ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ لوهہ جون تارون ڪپي ڇڏيون اٿس.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃي هن ئي ملڪ ۾ پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو.


سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ


جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


اوهين ڪن ڏيو ۽ منهنجو آواز ٻڌو؛ ڌيان ڏيئي منهنجو چوڻ ٻڌو.


جيڪي چرچا گهٻا ٿا ڪن تن جي مجلس ۾ آءٌ نہ ويٺس ۽ نہ خوشي ڪيم: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪري اڪيلو ويٺس؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڪاوڙ سان ڀري ڇڏيو آهي.


اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو.


۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهودي ٽي يا چار ورق پڙهي ويو تهن بادشاهہ ڪپ سان انهن کي وڍي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ اُڇلائي وڌا، جيسين ڪ اها سڄي ويڙهي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ سڙي چٽ ٿي وئي.


تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.


منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.


جن ڏينهن ۾ آءٌ توکان حساب وٺندس انهن ڏينهن ۾ تنهنجي دل صبر ڪري سگهندي ڇا، يا تنهنجا هٿ زوراور رهي سگهندا ڇا؟ مون خداوند ائين فرمايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.


اوهين خداوند جي برخلاف ڪهڙا خيال ٿا ڪريو؟ هو بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندو، اهڙو جو وري مصيبت نہ اُٿندي.


۽ جيڪي اُتان لنگهي پئي ويا، تن مٿس ٽوڪون پئي هنيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون تہ


۽ جيڪي ڌاڙيل ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ کيس ساڳيا طعنا پئي هنيا.


۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي.


هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ