Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:2 - Sindhi Bible

2 ڏسو، خداوند وٽ هڪڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، هو انهي کي ڳڙن جي طوفان، ۽ برباد ڪندڙ واچ، ۽ پاڻيءَ جي زور واري اُٿل وانگر زمين تي اُڇلائي وجهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ياد رکو، پروردگار وٽ هڪڙو اهڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، جيڪو ڳڙن واري طوفان، برباد ڪندڙ واچوڙن، ۽ ٻوڏ جي جھجھي پاڻيءَ جي وهڪري وانگر سامريہ وارن کي زور سان ڌرتيءَ تي اڇلائي وجھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي پنهنجي وقت کان اڳي گهلجي نڪري ويا آهن، ۽ جن جو بنياد نديءَ وانگر وهي ويو.


جڏهن خوفناڪ ماڻهن جو جهوٽو ڀت تي لڳندڙ طوفان وانگي آهي، تڏهن تون غريبن جي لاءِ مضبوط قلعو، ۽ محتاج جي لاءِ سندس مصيبت ۾ آسرو، طوفان کان پناهہ ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ پاڇو آهين.


انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.


لشڪرن جو خداوند، گجگوڙ سان، ۽ زلزلي سان، ۽ وڏي آواز سان، واچوڙي سان، ۽ طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، توکي سزا ڏيڻ ايندو.


هن جو دم نديءَ جي اُٿل وانگي آهي، جا ڳچيءَ تائين ٿي پهچي تہ قومن کي فنا ڪرڻ واري پرڻ سان ڇاڻي ۽ اُمتن جي ڄاڙين ۾ گمراهہ ڪندڙ لغام وجهي.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.


ڏسو، خداوند، خدا طاقت مند وانگي ايندو ۽ هن جي ٻانهن سندس لاءِ حڪم هلائيندي: ڏسو، هن جو انجام ساڻس آهي، ۽ هن جو عيوضو سندس اڳيان آهي.


شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛


جيڪي اهو اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين تن کي چئو، تہ اها ڀِت ڪِري پوندي؛ هڪڙي تمام سخت برسات پوندي ۽ وڏا وڏا ڳڙا وسندا، ۽ طوفان جهڙي واچ انهي کي ڀڃي ڇڏيندي.


۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.


۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.


پر هڪڙي اُٿلندڙ ٻوڏ سان هو انهي جي جاءِ کي پورو ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڀڄائي اونداهي ۾ آڻيندو.


۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ