Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:16 - Sindhi Bible

16 تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:16
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو سو ئي ڪنڊ جو پٿر يعني مکيہ ڪيو ويو.


هن جو بنياد پاڪ جبلن ۾ آهي.


تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


اي ڏکويل تون جا طوفان جي ستايل ۽ بنا تسليءَ جي آهين سا ڏس، آءٌ تنهنجا پهڻ سهڻن رنگن ۾ جڙيندس، ۽ تنهنجي بنياد ۾ نيلم رکندس.


جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.


انهن مان ئي ڪنڊ جو پٿر، ۽ ڪلو، ۽ جنگي ڪمان، ۽ سڀ حاڪم نڪرندا.


ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس.


۽ يسوع چين تہ اوهان ڪڏهن پاڪ ڪتاب ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو، هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ بہ عجب جهڙي ڳالهہ آهي.“


اوهان هيءَ پاڪ لکيت بہ نہ پڙهي آهي ڇا، تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو:


پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


ڇالاءِ جو جيڪو بنياد پيل آهي، سو يسوع مسيح آهي، تنهن کانسواءِ ٻيو بنياد ڪوبہ ماڻهو وجهي ڪين سگهندو.


۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ