Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:13 - Sindhi Bible

13 تنهن ڪري خداوند جو ڪلام انهن جي لاءِ حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم ٿيندو؛ قانون تي قانون، قانون تي قانون ٿيندو؛ ٿورو هِتي ٿورو هُتي، انهي لاءِ تہ اهي وڃن ۽ پٺ تي ڪرن، ۽ شڪست کائين، ۽ ڦاسي پون، ۽ گرفتار ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو هاڻي هو پاڻ اوهان کي ”امان ابا، امان ابا،“ جهڙو سبق سيکاريندو، اهو هي هوندو جو اوهين وک وک تي ٿاٻو کائي ڪرندا، زخمي ٿيندا، ڦاسايا ويندا ۽ گرفتار ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل انهن جو دسترخانو انهن لاءِ ڦندو ٿئي؛ ۽ جڏهن اهي سلامتيءَ ۾ هجن تڏهن اها سندن لاءِ ڦندو ٿي پوي.


ڇالاءِ جو حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم آهي، قانون تي قانون، قانون تي قانون آهي؛ ٿورو هِتي، ٿورو هُتي.


اسين انڌن وانگي ڀت لاءِ هٿوراڙيون ٿا هڻون، هائو، انهن وانگي هٿوراڙيون ٿا هڻون جن کي اکيون ڪينهن: اسين ٻنپهرن جو ائين ٿاٻا ٿا کائون جيئن اونداهيءَ ۾؛ اسين تازن توانن جي وچ ۾ مئلن وانگي آهيون،


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.


۽ اُنهن جي لاءِ يسعياهہ نبيءَ جي پيشنگوئي اچي پوري ٿي، جنهن ۾ چيل آهي تہ ”ٻُڌندي اوهين ٻُڌندا، پر ڪنهن بہ طرح سمجهندا ئي ڪين، ۽ ڏسندي اوهين ڏسندا، پر ڪنهن بہ طرح پروڙيندا ئي ڪين:


۽ جيڪو هن پهڻ تي ڪِرندو سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.


۽ دائود چوي ٿو تہ ”ڀلي تہ هنن جي عيد سندن لاءِ ڄار، ۽ ڦندو، ۽ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ بدلي جو سبب ٿئي:


هڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ، ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ. ۽ انهن ڳالهين جي لاءِ ڪير لائق آهي؟


۽ جهڙيءَ طرح هن پنهنجي سڀني خطن ۾ بہ هنن ڳالهين بابت ذڪر ڪيو آهي، انهن مان ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جو سمجهڻ مشڪل آهي، ۽ جنهن جي معنيٰ جاهل ۽ غير مستقل ماڻهو ڦيرائي اُبتي پيا ڪن، جيئن ڪ ٻين پاڪ لکيتن جي بہ ڪندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي برباد ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ