۽ آسا خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڪري چيو تہ، اي خداوند تو کانسواءِ طاقت واري ۽ بي طاقت جي وچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪونهي: اي خداوند اسان جا خدا، اسان جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اسان جو ڀروسو توتي آهي، ۽ تنهنجي ئي نالي تي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اي خداوند، تون اسان جو خدا آهين؛ ائين نہ ڪر تہ انسان توتي غالب پوي.