Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 28:1 - Sindhi Bible

1 افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ويل آهي اسرائيل جي مئي‌خوار حاڪمن جي مغروريءَ واري تاج لاءِ! هائو، ويل آهي انهن جي شاندار ۽ خوبصورت شهر سامريہ لاءِ! اهو اهڙي گل مثل آهي جيڪو ڪومائجي ٿو وڃي. زرخيز ماٿريءَ جي مٿان اڏيل انهيءَ شهر سامريہ جي حاڪمن تي مئي غالب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 28:1
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


۽ فقحہ بن رملياہ يهوداہ ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪُٺا، جي سڀ بهادر مرد هئا، ڇالاءِ جو انهن خداوند پنهنجي ابن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


ڪنهن کي غم آهي؟ ڪنهن کي ڏک آهي؟ ڪير جهيڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي سبب کان سواءِ زخم آهن؟ ڪنهن کي اکين جي ڳاڙهاڻ آهي؟


پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


افسوس انهن تي جي صبح جو سوير ٿا اُٿن تہ نشي بازيءَ جي پٺيان پون؛ جي رات جو دير تائين ٿا ترسن، جيسين ڪ انهن کي شراب جو جوش چڙهي!


افسوس انهن تي جي شراب پيئڻ ۾ پهلوان آهن، ۽ نشي وارين شين ملائڻ ۾ زور وارا آهن:


ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.


تنهن ڪري خداوند رضين جي دشمنن کي مٿي چاڙهي انهن جي برخلاف ڪندو، ۽ هن جي ويرين کي جوش ڏياريندو؛


خداوند هڪڙو ڪلام يعقوب وٽ موڪليو، ۽ اهو اسرائيل تي نازل ٿيو آهي.


۽ سڀ ماڻهو ڄاڻندا، يعني افرائيم ۽ سامريہ جا ماڻهو، جي مغروريءَ ۽ سخت دليءَ سان چون ٿا، تہ


زناڪاري، ۽ شراب، ۽ نئون شراب سمجهہ وڃايو ٿا ڇڏين.


۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن تي ثابتي ٿي ڏئي: تنهنڪري اسرائيل ۽ افرائيم پنهنجي بدڪاريءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندا؛ يهوداہ بہ انهن سان گڏ آٿڙبو.


افرائيم عتاب جي ڏينهن ويران ٿي ويندو: اسرائيل جي فرقن ۾ مون اها ڳالهہ پڌري ڪئي آهي جا ضرور ٿيڻي آهي.


اسرائيل جي گهراڻي ۾ مون هڪڙي هيبتناڪ شيءِ ڏٺي آهي: افرائيم ۾ زناڪاري آهي، اسرائيل پليت ٿيو آهي.


اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي.


آءٌ اوهان جي زور جو هٺ ڀڃندس؛ ۽ اوهان جو آسمان لوهہ جهڙو، ۽ اوهان جي زمين پتل جهڙي ڪندس:


پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.


۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.


بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.


افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا!


جي عاج جي پلنگن تي سمهو ٿا، ۽ پنهنجن بسترن تي ڊگها ٿي ليٽو ٿا؛ ۽ ڌڻن مان گهيٽا ۽ واڙي مان گابا ڪڍي کائو ٿا؛


جي پيالن ۾ شراب پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا تيل مکيو ٿا؛ پر جن کي يوسف جي مصيبت جو ڏک ڪونهي.


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ