Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 27:4 - Sindhi Bible

4 مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ انگورن جي انهيءَ باغ سان اڳتي ڪاوڙ نہ ڪندس. پر منهنجي قوم کي نقصان پهچائيندڙ، جيڪي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن مثل آهن، شل اهي انهيءَ باغ ۾ وري ظاهر ٿين، تہ جيڪر آءٌ اڳتي وڌي انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيان!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 27:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سڀ بي دين ماڻهو ڪنڊن وانگر اُڇلايا ويندا، ڇالاءِ جو اهي هٿن سان کڻي نہ سگهبا.


پر جيڪو ماڻهو انهن کي هٿ لائيندو، تنهن کي ضرور لوهہ يا نيزي جي لٺ گهرجي؛ ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي باهہ سان بلڪل ساڙيا ويندا.


هو سدائين ڪين پيو ڇينڀيندو؛ نيڪي پنهنجو غصو هميشہ جي لاءِ رکندو.


تو پنهنجي غضب کي کڻي ورتو آهي: ۽ پنهنجي سخت ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيو اٿيئي.


۽ اسرائيل جي روشنائي باهہ ٿيندي، ۽ ان جو پاڪ وجود هڪڙو شعلو ٿيندو: ۽ اهو هڪڙي ڏينهن ۾ ان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


۽ قومون سڙندڙ چن وانگي ٿينديون: وڍيل ڪنڊن وانگي، جي باهہ ۾ ساڙيا وڃن.


ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي.


۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


پر جي اُها ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ڪري تہ نڪمي آهي ۽ لعنتي ٿيڻ کي ويجهو آهي؛ ۽ نيٺ ساڙي وڃي ٿي.


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ