Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 27:3 - Sindhi Bible

3 آءٌ خداوند انهي جي سنڀال ڪريان ٿو، آءٌ هردم انهي کي پاڻي ڏيندس، آءٌ رات ڏينهن انهي جي سنڀال ڪندس، متان ڪو انهي کي نقصان پهچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ خداوند انهيءَ باغ جي نگهباني ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي پاڻي ڏيندو رهان ٿو. آءٌ رات ڏينهن انهيءَ جي حفاظت ڪريان ٿو، تہ متان ڪو انهيءَ کي نقصان پهچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 27:3
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس آءٌ خود زمين تي پاڻيءَ جو طوفان ٿو آڻيان، تہ آسمان جي هيٺان جيڪي ساهوارا آهن، تن سڀني کي برباد ڪريان، ۽ جيڪي بہ زمين تي آهن، سي سڀ مري وڃن.


ڏسو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد سان؛


۽ هي لفظ، جن سان مون خداوند جي اڳيان سوال ڪيو آهي، سي شل رات ڏينهن خداوند اسان جي خدا جي ويجهو هجن، تہ هو پنهنجي ٻانهي جي ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جي مدد ڪري، جيئن ڏهاڙي ضرورت پوي:


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


خدا انهي جي وچ ۾ آهي؛ ان کي لوڏو ئي ڪين ايندو؛ صبح جو سوير خدا انهي جي مدد ڪندو.


اُڏامندڙ پکين وانگي، لشڪرن جو خداوند يروشلم کي بچائيندو؛ هو انهي کي بچائيندو ۽ ڇڏائيندو، ۽ اُنهي تي چشم پوشي ڪندو ۽ کيس قائم رکندو.


مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ قبوليت جي وقت مون تنهنجي اونائي، ۽ نجات جي ڏينهن مون تنهنجي مدد ڪئي: آءٌ توکي سنڀاليندس، ۽ اُمت جي لاءِ توکي عهد ٺهرائيندس، تہ ملڪ کي بحال ڪرين، ۽ ويران ٿيل ميراث، وارثن کي وٺي ڏين؛


۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ پاڻ پنهنجين رڍن جي تلاش ڪندس ۽ انهن کي ڳولي لهندس.


۽ آءٌ خداوند هن جو خدا ٿيندس، ۽ منهنجو ٻانهو دائود هنن جو بادشاهہ ٿيندو؛ مون خداوند ائين فرمايو آهي.


۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پوندا، ۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي زمين ۾ رکندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند ائين فرمايو آهي ۽ اهو پورو ڪيو آهي، خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ اُهو خدا آهيان جو اسرائيل کي پاڪ ٿو ڪريان، ۽ منهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندو.


هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ