Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 27:12 - Sindhi Bible

12 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند فرات نديءَ جي اُٿل کان وٺي مصر جي نهر تائين، انهي جو ڦر سٽي ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ اي بني اسرائيل اوهين هڪڙو هڪڙو ڪري گڏ ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 27:12
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.


پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي.


خداوند فرمايو تہ آءٌ انهن کي بسن مان وٺي ايندس، ۽ وري سمنڊ جي اونهائين مان ڪڍي ايندوسان.


۽ هڪڙي سمنڊ کان ٻئي سمنڊ تائين، ۽ نديءَ کان زمين جي ڇيڙي تائين، هن جي حڪومت هلندي.


انهيءَ هوندي بہ خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڪي داڻا انهن ۾ رهجي ويندا، جيئن ڪي زيتون جي وڻ ۾ رهندا آهن جڏهن ان کي ڌوڻبو آهي، ٻہ يا ٽي داڻا تمام مٿانهين ٽاريءَ جي چوٽيءَ تي، ۽ چار يا پنج ڦردار وڻ جي تمام ٻاهرين ٽارين ۾.


هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)


خداوند خدا، جو اسرائيل جي نيڪالي ڏنلن کي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ جيڪي هن جي اُمت جا اڳيئي گڏ ٿيل آهن، تن کان سواءِ ٻين کي بہ آءٌ آڻي انهن سان گڏ ڪندس،


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.


۽ جيڪي ترار کان بچندا، سي ٿورا ٿي مصر جي ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا؛ ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر ۾ رهڻ جي لاءِ اوڏي ويا آهن، سي پاڻهين ڄاڻندا تہ ڪنهن جي ڳالهہ ٿي بيهي، منهنجي يا هنن جي.


۽ آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي ٻاهر ڪندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو تن مان اوهان کي آڻي گڏ ڪندس، سو بہ زور واري هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ۽ جاري ڪيل غضب سان:


جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي آءٌ وري يعقوب جا قيدي آڻيندس ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي تي رحم ڪندس؛ آءٌ پنهنجي پاڪ نالي واسطي غيرت وارو ٿيندس.


۽ ڏکڻ واري حد ڏکڻ ڏانهن تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين. اها آهي ڏکڻ ڏانهن ڏکڻ واري حد.


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ حڪم ڪري اسرائيل جي گهراڻي کي سڀني قومن منجهان ائين ڇاڻيندس جيئن اَن پروڻ ۾ ڇاڻيو وڃي، تنهن هوندي بہ ننڍي ۾ ننڍو داڻو زمين تي نہ ڪِرندو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس:


اوهان مان اُهو ڪير آهي، جنهن کي هڪ سؤ رڍون هجن، ۽ اُنهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس، تہ نوانوي جهنگ ۾ ڇڏي اُنهيءَ وڃايل جي پٺيان نہ رُلي، جيسين ڪ اُها لڀيس؟


۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار.


جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.


اُتان عضمون ڏانهن هلي مصر جي نهر تائين نڪري ويئي؛ اُنهيءَ ڪناري جون حدون وڃي سمنڊ تي بيٺيون: اها اوهان جي ڏکڻ واري سرحد ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ