Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 27:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هن وقت ڪوٽن وارا شهر ويران ڪيا ويا آهن. هائو، اهي ڪنهن اجڙي ويل گھر ۽ بيابان وانگر ويران ۽ سڃا ٿي ويا آهن. اهي چوپائي مال جا چراگاهہ بڻجي ويا آهن، جتي ڌڻ آرام ٿا ڪن ۽ وڻن جي ڏارن مان چرندا ٿا وتن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 27:10
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.


انهي ڏينهن هن جا مضبوط شهر، جهنگ ۾، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي ويران ڪيلن جاين جهڙا ٿيندا، جي بني اسرائيل جي اڳيان ويران ٿيا، ۽ اهي ويران رهندا.


وڏو شهر ڀڄي ڪري پيو آهي: سڀ گهر بند ٿي ويا آهن، تہ ڪوبہ ماڻهو اندر نہ اچي.


ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.


پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.


بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو.


تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ ڪنهن مون لاءِ هنن کي ڄڻيو آهي؟ منهنجا ٻار مون کان کسيا ويا هئا، آءٌ تہ اڪيلي ۽ جلاوطن هيس، ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڀٽڪيس: ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏس، آءٌ تہ اڪيلي ڇڏيل هيس، هي سڀ ڪٿي هئا؟


تنهنجا پاڪ شهر بيابان ٿي ويا آهن، صيون بيابان ٿيو آهي، ۽ يروشلم ويران آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو هڪڙي جوان ڳئون، ۽ ٻہ رڍون پاليندو؛


۽ سڀ ٽڪريون، جي چنجورن سان کوٽيون ويون آهن، انهن تي ڪانڊيرن ۽ ڪنڊن جي ڊپ کان تون ڪين ايندين، پر اهو هنڌ رڳو ڏاندن جي چرڻ ۽ رڍن جي لتاڙڻ جي لاءِ هوندو.


۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن.


يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.


تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.


۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ انهن کي مارائي ڇڏيو. انهي طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي زمين مان نڪري ويو.


صيون جا رستا سڃا ٿيا پيا آهن، ڇالاءِ جو ڪوبہ سڳوري جماعت ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ ان جا سڀ دروازا سڃيا پيا آهن، ان جا ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا کڻن: ان جون ڪنواريون ڇوڪريون ڏک ۾ آهن، ۽ هو پاڻ غم ۾ آهي.


ڇالاءِ جو صيون جو جبل ويران آهي، لومڙيون انهيءَ تي پيون گهمن.


تنهنڪري، اي اسرائيل جا جبل، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا انهن جبلن کي، ۽ ٽڪرين کي، ۽ نهرن، ۽ وادين کي، ويران زمين کي، ۽ غير آباد شهرن کي هيئن ٿو فرمائي، جي آس پاس وارين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي لاءِ شڪار ۽ ٺٺولي ٿيا آهن:


تنهنڪري، اوهان جي سبب صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم دڙا ٿي ويندو، ۽ هن گهر جو جبل ٻيلي جي مٿانهين جڳهن جهڙو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ