Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:9 - Sindhi Bible

9 منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:9
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خداوند اسان جو خدا آهي: سڄي جهان ۾ هن جا فيصلا آهن.


اِهو خداوند اسان جو خدا آهي: ۽ سندس فيصلا ساريءَ زمين تي آهن.


اي خداوند مون رات جو تنهنجو نالو ياد ڪيو آهي، ۽ تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو اٿم.


آءٌ آڌيءَ رات جو اُٿي، تنهنجن سچن فيصلن جي لاءِ تنهنجو شڪر ڪندس.


جيئن چوڪيدار صبح لاءِ اکيون پائي ويٺا ٿا رهن، هائو، جيئن چوڪيدار پرهہ ڦٽيءَ جي انتظار ۾ ٿا رهن، تيئن منهنجي جان انهي کان بہ وڌيڪ خداوند جي لاءِ منتظر آهي.


تڏهن ماڻهو چوندا تہ سچ پچ راستباز جي واسطي اجر آهي: بيشڪ اهو خدا آهي جو زمين تي انصاف ٿو ڪري.


اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


منهنجي جان ڄڻ تہ گودي ۽ چرٻي کائي ڍءُ ڪندي؛ ۽ منهنجو وات مشڪندڙ چپن سان تنهنجي تعريف ڪندو؛


۽ سڀ ماڻهو ڊڄندا؛ ۽ خدا جي ڪمن جو بيان ڪندا، ۽ هن جي ڪمن کي چڱيءَ طرح سمجهندا.


جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا.


تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.


جيسين خداوند لڀي سگهي تيسين انهي کي ڳوليو؛ جيسين هو ويجهو آهي تيسين انهي کي سڏيو:


اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين.


جيڪي خداوند جي لاءِ منتظر ٿي ويهن ٿا، ۽ کيس ڳولين ٿا تن جي لاءِ هو مهربان آهي


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.


۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ