اي منهنجا خدا، آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون دل کي جاچين ٿو، ۽ سچائيءَ ۾ تنهنجي خوشي آهي. مون پنهنجي دل جي سچائيءَ سان هي سڀ شيون رضامنديءَ سان ڏنيون آهن: هاڻي مون کي، تنهنجي قوم جا هتي حاضر آهي، تنهن کي تنهنجي حضور ۾ رضامنديءَ سان ڏيندو ڏسي، ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي.
اُتي هڪڙو شاهي رستو جاري ٿيندو، هڪڙو رستو جو پاڪيزگيءَ جو رستو سڏجڻ ۾ ايندو؛ ڪوبہ ناپاڪ انهيءَ تان نہ لنگهندو؛ پر اهو انهن مسافرن جي لاءِ ٿيندو، هائو، بي عقل بہ انهي تي نہ ڀلبا.
آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.
ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.
تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.