Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو هن مٿانهينءَ تي رهڻ وارن کي، بلڪ مغرور شهر کي هيٺ ڪيرايو: يعني انهن کي هيٺ ڪيرائي زمين تي هموار ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر هن انهن کي بلڪل پست ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي جبل واري مضبوط شهر ۾ فخر سان ٿي رهيا. هن سندن شهر جي ڪوٽ کي ڪيرائي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي ابن ڏاڏن جون خطائون اسان جي برخلاف ياد نہ ڪر: تنهنجو رحم جلد اسان تائين پهچي: ڇو جو ڏاڍا لاچار ٿي دٻجي ويا آهيون.


۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.


۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


وڏو شهر ڀڄي ڪري پيو آهي: سڀ گهر بند ٿي ويا آهن، تہ ڪوبہ ماڻهو اندر نہ اچي.


ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.


پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ چئجانءِ تہ بابل بہ هيئن ٻڏي ويندو، ۽ وري نہ نڪرندو، ڇالاءِ جو آءٌ انهي تي خرابي آڻيندس: ۽ هو ٿڪجي پوندا. ايستائين يرمياہ جون ڳالهيون آهن.


خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.


هو تنهنجون سڀ گهٽيون پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيندو: هو ترار سان تنهنجا ماڻهو ماريندو، ۽ تنهنجي زور جا ٿنڀ زمين تي ڪِري پوندا.


تنهنجي دل تنهنجي حسن جي ڪري مٿي چڙهي ويئي، ۽ تو پنهنجي رونق سبب پنهنجي ڏاهپ خراب ڪري ڇڏي آهي: مون توکي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مون توکي بادشاهن جي اڳيان رکيو آهي تہ اُهي توکي ڏسن.


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ