Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:21 - Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:21
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي زمين، تون منهنجو رت نہ ڍڪ ۽ منهنجي دانهن کي جاءِ نہ ڏي.


آسمان هن جو گناهہ ظاهر ڪندا، ۽ زمين هن جي برخلاف اُٿندي.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تان جيئن اُس ۾ صاف گرمي، ۽ جيئن فصل جي گرميءَ ۾ ماڪ جو ڪڪر ڏسبو آهي، تيئن ڏسندس.


۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


لشڪرن جو خداوند، گجگوڙ سان، ۽ زلزلي سان، ۽ وڏي آواز سان، واچوڙي سان، ۽ طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، توکي سزا ڏيڻ ايندو.


ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس،


خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس.


شهر مان گڙٻڙ جو هل، ۽ هيڪل مان بہ آواز ٿو ٻڌجي. خداوند جو آواز، جو پنهنجي دشمن کي بدلو ٿو ڏئي.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ هو ڇا ٿا ڪن؟ اسرائيل جو گهراڻو اُتي وڏيون گندگيون ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ آءٌ پنهنجي پاڪ مڪان کان پري هليو وڃان؛ پر تون اڃا بہ ٻيون وڏيون گندگيون وري ڏسندين.


اي نادانو، جنهن ٻاهر ٺاهيو، اندر بہ اُنهي ئي ڪين ٺاهيو ڇا؟


انهي لاءِ تہ سڀني نبين جو خون، جو دنيا جي شروعات کان وٺي وهايو ويو آهي، تنهن جو هن زماني جي ماڻهن کان حساب وٺجي:


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ