Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:18 - Sindhi Bible

18 اسين پيٽ سان ٿيا آهيون، اسان کي سور ٿيا آهن، اسان ڄڻيو ڄڻ تہ رڳو واءُ آهي؛ اسان زمين تي ڪوبہ ڇوٽڪارو نہ پيدا ڪيو آهي؛ نڪي دنيا جا رهاڪو فنا ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هائو، اسين پيٽ سان ٿياسين، ۽ اسان کي ويم جا سور بہ ٿيا. پر اسان ڇا ڄڻيوسين؟ ڪجھہ بہ نہ. اسان ڌرتيءَ تي ڪا سوڀ نہ ماڻينسين، هائو، دنيا ۾ اسان ڪنهن تي بہ فتح حاصل نہ ڪئيسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن وڃي هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو چوي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت جو، ۽ طعني جو، ۽ ڌڪار جو آهي: ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آيا آهن پر انهن کي ڄڻڻ جي طاقت ڪانہ رهي آهي.


اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن.


اوهان کي بهہ جو حمل رهندو، ۽ اوهين ٻٿ ڄڻيندا: اوهان جو پساهہ باهہ آهي، جا اوهان کي کائي ويندي.


۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.


ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.


سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.


ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.


۽ سائول چيو تہ اڄ ڪوبہ ماڻهو قتل نہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو اڄ خداوند اسرائيل کي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.


۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ