Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:17 - Sindhi Bible

17 جيئن ڪنهن پيٽ واري زال جي ويم جو وقت ويجهو اچي، ۽ اُن کي سور ٿين ۽ سورن ۾ دانهون ڪري؛ انهيءَ طرح اسين بہ، اي خداوند، تنهنجي اڳيان آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اي خداوند! تنهنجي ڏنل تڪليفن جي ڪري اسين اهڙيءَ ويم واري عورت جهڙا ٿياسين، جنهن جي ٻار ڄڻڻ جو وقت ويجھو هجي، ۽ اها سورن وچان لڇي ڦٿڪي ۽ دانهون پيئي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.


اتي هو ڏڪڻ لڳا، ۽ ويم واريءَ زال جهڙا سور اچي ٿين.


۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا.


تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان.


۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.


هاڻي اوهين پڇو ۽ ڏسو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ويم جا سور ٿيندا آهن ڇا: ڪهڙو سبب آهي جو آءٌ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو ڏسان تہ پنهنجا هٿ چيلهہ تي رکيو گهمي، جيئن ڪا سورن واري زال ڪندي آهي، ۽ سڀ منهن ڦري ڦڪا ٿي پيا آهن؟


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.


زال کي جڏهن سور ٿيندا آهن، تڏهن تڪليف ٿيندي اٿس، ڇالاءِ جو سندس گهڙي اچي پهتي آهي، پر جڏهن ٻار ڄڻي ٿي وٺي، تڏهن جا خوشي ٿي ٿئيس، تہ هڪڙو انسان دنيا ۾ ڄائو آهي، تنهنڪري اُهو اهنج ياد ئي ڪونہ ٿو پويس.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


۽ اها حاملہ هئي ۽ ويم جي سورن کان رڙيون پئي ڪيائين، ۽ ٻار ڄڻڻ جي تڪليف هُيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ