Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:16 - Sindhi Bible

16 اي خداوند، تڪليف جي وقت هو تو وٽ آيا آهن، جڏهن هنن جي مٿان تنهنجي سيکت آئي تڏهن هو دعا گهرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:16
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جي حضور ۾ پنهنجي فرياد ٿو ڪريان؛ ۽ سندس حضور ۾ پنهنجي ڏکن جو بيان ٿو ڪريان.


جڏهن تو فرمايو تہ منهنجي ديدار جا طالب ٿيو؛ تڏهن منهنجيءَ دل توکي چيو تہ اي خداوند، آءٌ تنهنجي ديدار جو طالب رهندس.


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


آءٌ خدا کي ياد پيو ڪريان پر ڏکي آهيان: آءٌ دانهون پيو ڪريان پر منهنجو روح غم ۾ ٻڏيو وڃي.


جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.


جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ.


اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:


۽ اوهين مون کي پڪاريندا، ۽ اوهين مون کان دعا گهرندا ۽ آءٌ اها قبول ڪندس.


اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.


تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي چيو، تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند جي، ۽ تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؛ هاڻي تون خداوند کان دعا گهر تہ هو اسان جي وچ مان نانگ ڪڍي، ۽ موسيٰ ماڻهن جي لاءِ دعا گهري.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


تڏهن بني اسرائيل خداوند کي چيو تہ اسان برابر گناهہ ڪيو آهي: جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو اسان سان ڪر؛ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ رڳو اڄ اسان کي بچاءِ.


۽ حنہ ورندي ڏيئي چيو تہ نہ منهنجا سائين، آءٌ دل جي ڏکي زال آهيان: مون نڪو شراب پيتو آهي نڪا ٻي نشي واري شيءِ، پر مون خداوند سان پنهنجي اندر جو حال ٿي اوريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ