Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:15 - Sindhi Bible

15 تو قوم کي وڌايو آهي، اي خداوند، تو قوم کي وڌايو آهي؛ تون جلال وارو آهين، تو ملڪ جون سڀ سرحدون وڌائي وڏيون ڪيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر اي خداوند! تو پنهنجي قوم کي وڌايو آهي. هائو، تو اسان کي ۽ اسان جي ملڪ کي اڳي کان گھڻو وڌايو آهي، جنهن مان تنهنجي عظمت ظاهر ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:15
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.


جيڪڏهن هو تنهنجو گناهہ ڪن، (ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو گناهہ نٿو ڪري) ۽ تون اُنهن تي ڪاوڙجين، ۽ اُنهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين، جنهنڪري هو اُنهن کي قيد ڪري پري يا ويجهو دشمن جي ملڪ ۾ وٺي وڃن؛


نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


۽ خداوند چيو تہ جيئن مون اسرائيل کي پنهنجي اڳيان ٽاري ڇڏيو آهي، تيئن يهوداہ کي بہ ٽاري ڇڏيندس، ۽ هي شهر جو مون پسند ڪيو آهي، يعني يروشلم، ۽ جنهن گهر بابت مون چيو هو تہ منهنجو نالو انهيءَ تي قائم رهندو، سو رد ڪري ڇڏيندس.


هنن جو اولاد بہ تو آسمان جي تارن جيترو وڌايو، ۽ هنن کي اُنهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي نسبت ۾ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي چيو تہ وڃي اُهو پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.


هو قومن کي وڌائي ٿو ۽ انهن کي ناس ڪري ٿو: هو قومن کي پري پري پکيڙي ڇڏي ٿو ۽ وري موٽائي آڻي ٿو.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.


اوهان جون اکيون بادشاهہ کي سندس سونهن ۾ ڏسنديون: اهي پري تائين پکڙيل ملڪ ڏسنديون.


۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


۽ خداوند ماڻهن کي پري ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ ملڪ ۾ ويران جايون گهڻيون ٿيون آهن.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


تو قوم کي وڌايو آهي، ۽ انهن جي خوشي بہ زيادہ ڪئي اٿيئي: هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ٿا ڪن جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ماڻهو ڪندا آهن.


۽ انهن مان شڪرگذاري ۽ خوشي ڪندڙ جو آواز نڪرندو: ۽ آءٌ انهن کي وڌائيندس، ۽ اُهي ٿورا ڪونہ ٿيندا؛ آءٌ انهن کي عزت وارو بہ ڪندس ۽ هو ذليل نہ ٿيندا.


ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:


ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍندس، ۽ سڀني ملڪن مان گڏ ڪندس، ۽ اوهان کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻيندس.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!


۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي.


هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.


اهي ڳالهيون يسوع ڪيون، ۽ پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي چيائين، تہ اي بابا، اُها گهڙي آئي آهي؛ پنهنجي فرزند جو جلال ظاهر ڪر، تہ فرزند تنهنجو جلال ظاهر ڪري:


تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ